Book Name:Safai Suthrai

صفائي حاصِل ڪيو! ڇوته جنّت ۾ صاف سٿرو رهڻ وارو ئي داخِل ٿيندو([1]) (3): هڪ روايت ۾ آهي: جيڪو لباس توهان پايو ٿا، ان کي صاف سٿرو رکو، پنهنجي سوارين جي سار سنڀار لهو ۽ توهان جي ظاهري شڪل ۽ صُورت اهڙي صاف سُٿري هجي جو جڏهن ماڻهن ۾ وڃو ته اهي توهان جي عزّت ڪن.([2]) (4): اُمُّ المُؤمِنِين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا فرمائن ٿيون: هڪ ڀيري سرڪارِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ٻاهر ماڻهن وٽ وڃڻ لڳا ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻي ۾ پنهنجو عڪس ڏسي مٿي ۽ ڏاڙھي کي سنواريائون، مون عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا اوهان به ايئن ڪري رهيا آهيو؟ فرمايائون: ها! الله پاڪ پنهنجي ٻانهي کي پسند فرمائي ٿو ته جڏهن هو پنهنجي (مسلمان) ڀائرن وٽ وڃي ته سَنورجي وڃي۔([3])    

مَسجِدِ قُبَا ۽ اَهلِ قُبَا جي فضيلت

قُبَا مَسجد؛ مديني پاڪ ۾ تمام مَشهور مسجد آهي، اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هر ڇنڇر جي ڏينهن مَسجِدِ قُبَا ۾ ويندا هئا۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَسجِدِ قُبَا ۾ نماز پڙھڻ عمري جي برابر آهي۔([4]) قرآنِ ڪريم ۾ هن مسجد جي فضيلت بيان ٿي آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

لَمَسْجِدٌ اُسِّسَ عَلَى التَّقْوٰى مِنْ اَوَّلِ یَوْمٍ اَحَقُّ اَنْ تَقُوْمَ فِیْهِؕ-فِیْهِ رِجَالٌ یُّحِبُّوْنَ اَنْ یَّتَطَهَّرُوْاؕ-

(پاره:11، سورة التوبه:108)

ترجمو ڪنزُالعرفان: بيشڪ اها مسجد جنهن جي بنياد پهرين ڏيهن کان پرهيزگاري تي رکي وئي آهي اها ان جي حقدار آهي جو توهان اُن ۾ (نماز لاءِ) بيهو،  اُن ۾ اُهي ماڻهو آهن جيڪي خوب پاڪ ٿيڻ پسند ڪن ٿا.


 

 



[1]... کنزا العمال، کتاب: الطہارۃ، جزء: 9، جلد: 5، صفحہ: 124، حدیث: 26002۔

[2]... جامع صغیر، صفحہ: 22، حدیث: 257۔

[3]... احیاء العلوم، جلد: 1، صفحہ: 432 مترجم۔

[4]... ترمذی، کتاب: الصلاۃ، باب: الصلاۃ فی مسجد قباء، صفحہ: 101، حدیث: 324۔