Safai Suthrai

Book Name:Safai Suthrai

پسند فرمائي ٿو، هن جو سڀ کان وڏو دليل اهو آهي ته مخلوق ۾ اها هستي جيڪا الله پاڪ کي سڀ کان وڌيڪ محبوب آهي يعني اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم، الله پاڪ کين سڀني کان وڌيڪ پاڪ صاف، طاهر، مُطَهِّر (پاڪ ڪرڻ وارو) بڻايو آهي۔

اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا اهي پاڪيزه نالا جيڪي سندن اوصاف ۽ ڪمالات جي وضاحت ڪن ٿا، انهن ۾ 6 مبارڪ نالا اهي آهن جيڪي حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي طهارت، نفاست، پاڪيزگي ۽ صَفائي سُٿرائي واري صِفَت کي بيان ڪن ٿا:

(1): فخرِ عالَم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ مبارڪ نالو آهي: طَاهِرٌ   يعني اها هستي جيڪا ظاهر ۾، باطِن ۾، ڪردار ۾، فڪر ۾، گفتار ۾، هر اعتبار سان نفيس ۽ پاڪيزه آهن (2): هڪ نالو مبارڪ آهي: مُطَهِّرٌ (3): ان سان ملندڙ هڪ ٻيو نالو آهي: مُقَدِّسٌ۔ هنن ٻنهي پاڪيزه نالن جو مطلب آهي: اها ذات جن جي برڪت سان انسان جو ظاهر ۽ باطِن صاف سٿرو ٿي وڃي يعني ٻين کي پاڪ ڪرڻ وارا (4): پاڪيزه نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو هڪ نالو پاڪ آهي: طُهُورٌ يعني مڪمل طهارت، مڪمل نفاست، مڪمل پاڪيزگي (5): اهڙي طرح هڪ نالو پاڪ آهي: طَيَّبٌ يعني خوشبو وارا، پاڪيزه نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم (6): انهيءَ معنيٰ جهڙو هڪ ٻيو نالو پاڪ آهي جيڪو اڳوڻن آسماني ڪتابن ۾ بيان ٿيو آهي: مَاذُ مَاذُ۔ هن جي معني آهي: طَیّب، طَیّب يعني پاڪ، صاف، خوشبو وارا۔ علَّامه زرقاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيئن ته حُضُور اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ظاهر ۽ باطِن ۾، هر اعتبار سان سڀ کان وڌيڪ پاڪيزه، سڀ کان وڌيڪ خوشبو وارا، سڀ کان وڌيڪ نفيس آهن، ان ڪري سندن نالو پاڪ آهي: طَيب۔([1])


 

 



[1]... شرح الزرقانی علی المواہب، فی ذکر اسمائہ الشریفۃ، جلد: 4، صفحہ: 203 ملتقطاً۔