Book Name:Safai Suthrai

کیا مہکتے ہیں مہکنے والے     بُو  پہ  چلتے  ہیں  بھٹکنے  والے([1])

*طيب ۽ طاهر نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي بدن مبارڪ تي ڪڏهن مک نه ويهندي هئي *الله پاڪ کي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪيزگي، طهارت ۽ نفاست ايتري مطلوب هئي جو الله پاڪ سندن جسم مبارڪ کي پاڇي کان پاڪ رکيو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسم مبارڪ جو پاڇو نه هو، هن ۾ هڪ حڪمت اها به آهي ته جيڪڏهن خدانخواسته جسم مبارڪ جو پاڇو هجي ها ته اهو پاڇو زمين تي پوي ها ۽ ان هنڌ تي ماڻهن جا پير به اچن ها * اهڙي طرح رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو جسم پاڪ گند ڪچري وغيره کان بلڪل پاڪ صاف هو بلڪه جسمِ پاڪ ته جسمِ پاڪ آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ لباس ڏانهن ميراڻ جي نسبت ڪرڻ جي به اجازت نه آهي۔

آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي مبارڪ لباس کي ميرو چوڻ ڪيئن...؟

صَدرُ الشَّرِيعه مفتي امجد علي اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بهارِ شريعت ۾ لکن ٿا: جيڪو شخص حُضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي سمورن نبي سڳورن ۾ آخري نبي نه مڃي يا حُضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪنهن شيء جي توهين ڪري يا عيب ڪڍي، (مثال طور) پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُوءِ مبارڪ (يعني وار مبارڪ) کي حقارت سان ياد ڪري، رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي لباس مبارڪ کي گندو ۽ ميرو چئي، اهو سڀئي ڪفر آهن۔ ([2]) عاشقِ ماھِ رسالت، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نُور واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ لباس بابت


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ: 163۔

[2]...بہارِ شریعت، مرتَد کا بیان، حصہ: 9، جلد: 2،  صفحہ: 463 ملتقطاً۔