Book Name:Safai Suthrai

صفائي بابت اسلامي تعليم جون 4 خصوصيتون

پيارا اسلامي ڀائرو!  اِسلام دينِ نظافت آهي۔ اڄڪلھ هونئن به سڄي دُنيا ۾ صفائي سُٿرائي تي گھڻو زَور ڏنو پيو وڃي، البت اسلام اسان کي صفائي سُٿرائي جو جيڪو دَرس ڏئي ٿو، ان جي الڳ ئي شان آهي، اچو! صَفَائي سُٿرائي جي تعليم بابت اسلام جون 4 خصوصيتون ٻڌون ٿا:

(1): صفائي بابت اسلامي تعليم جي پهرين خصوصيت

اسلام ۾ جيڪا صَفَائي سُٿرائي جي تعليم آهي، اها عارضي ۽ مصنوعي (Artificial) صفائي جي حَد تائين نه آهي بلڪ اسلام اسان کي حقيقي صفائي جو ۽ گندگي کي پاڙان ختم ڪرڻ جو دَرس ڏئي ٿو۔  هن کي هڪ مثال مان سمجھو! اڄڪلھ وات مان بدبو اچڻ جو ڪافِي مسئلو ٿيندو آهي، هن جو سبب غذائون آهن، اڄڪلھ برگر، پِزّا، تريل شيون کاڌيون وينديون آهن، انهن جي ڪري مِعدو تباھ ٿي ويندو آهي جنهن سبب وات ۾ بدبُو پيدا ٿيندي آهي، هاڻي ماڻهن وات جي هن بدبُو کي دُور ڪرڻ جي لاءِ ڇا ڪيو جو مِعدي جي صَفَائي نه ڪئي بلڪه ماڻهن وات جي بدبو کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اِسپري، ٽوٿ پيسٽ بڻايا جو انهن شين جي استعمال سان وات جي بدبُو ختم ٿي ويندي، هنن طريقن سان وات جي بدبُو ته ختم ٿي ويندي آهي پر هن بُوءِ جو جيڪو اَصل سبب آهي يعني مِعدي جي خرابي، اهو سبب ختم ناهي ٿيندو، الحمدلله! اسلام وات جي بُوءِ ختم ڪرڻ جي لاءِ مِسواڪ جي سُنَّت عطا ڪئي آهي، مِسواڪ جي اها خاصيت آهي جو مِسواڪ وات جي بدبو ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ مِعدي ۽ هاضمي کي به دُرُست ڪري ٿو، مِسواڪ جي برڪت سان جڏهن مِعدو دُرست ٿي ويندو آهي، هاضمو صحيح ٿي ويندو آهي ته وات جي بدبو ازخود ئي ختم ٿي ويندي آهي۔