Book Name:Safai Suthrai
پنهنجي عشق ۽ محبت جو اِظهار ڪندي لکن ٿا:
کس دَرجہ ہے روشن تَنِ محبوبِ اِلٰہ جامے سے عیاں رنگِ بدن ہے واللہ
کپڑے یہ نہیں میلے ہیں اُس گل کے رضا فریاد کو آئی ہے سیاہئ گناہ([1])
وضاحت: خُدا جو قسم! سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو جسمِ اَطهر ايتري قدر رَوشن ۽ مُنَوَّر آهي جو لباس مبارڪ جي اندران به ان جي رنگت ظاهر ٿي رهي هوندي آهي، ڳالھ اها نه آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا مبارڪ ڪپڙا (مَعَاذَ الله!) ميرا ٿي ويا آهن، اَصل ۾ معاملو اهو آهي ته اسان جي گُنَاهن جي ڪاراڻ ۽ سياهي فرياد ڪرڻ ۽ شفاعت جي خيرات گھرڻ جي لاءِ اچي دامَنِ ڪرم سان چنڀڙجي وئي آهي۔ نه ته حقيقت ته اها آهي جو
میل سے کس درجہ ستھرا ہے وہ پُتلا نُور کا ہے گلے میں آج تک کورا ہی کرتا نُور کا([2])
وضاحت:سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو بدن مبارڪ مَر مٽي کان ايتري قدر پاڪ ۽ صاف سٿرو آهي جو جنهن ڪپڙي کي پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم استعمال ڪندا هئا، اهو به ميرو نه ٿيندو هو، ميرو ٿيڻ ته پري جي ڳالھ اهو پُراڻو به نه ٿيندو هو۔
اي عاشقانِ رسول! اها سڄي تفصيل جيڪا عرض ڪئي وئي، هن مان واضِح ٿئي ٿو ته الله پاڪ خُوب صاف سٿرو رهڻ وارن کي پسند فرمائي ٿو، هاڻي اسان کي پنهنجي باري ۾ پڻ غور ڪرڻ گھرجي، ڇا اسان صاف سٿرا رهون ٿا؟ * اسان پنهنجي لباس بابت غور ڪيون * پنهنجي ذات جي باري ۾ غور ڪيون * پنهنجي آسپاس *.پنهنجي گھر * پنهنجي ڪمري * پنهنجي دڪان