Book Name:Safai Suthrai

اها آهي اسلام جي پاڪيزه تعليم جو اسلام عارضي ۽ مصنوعي (Artificial) صفائي جو نه بلڪ حقيقي صفائي جو دَرس ڏئي ٿو۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان حقيقي صفائي اپنايون * گندگي جي سببن کي ختم ڪرڻ ڏانهن توجھ ڏيون * ڪچري جي ڍير جي صَفَائي جي بروقت انتظام تي توجھ رکون * سيوريج جا پائپ ليڪ هجن ته ان کي درست ڪرايون * عام طور گھر جي صَفائي ڪرڻي هجي ته اِضافي شيون کڻي اسٽور رُوم ۾ رکيون وينديون آهن، اهڙي طرح گھر جو ظاهر ته صاف سٿرو ٿي ويندو آهي پر اسٽور رُوم جي صَفائي ناهي ٿيندي، اسٽور رُوم جي به صفائي ڪئي وڃي، مطلب؛ اسان حقيقي صَفَائي تي زَور ڏيون ۽ هن کي پنهنجي عادت جو، روز مَرَّه جي معمولات جو حِصو بڻايون۔ مشورو آهي ته گھر جي تمام سامان جي هڪ ڀيري چيڪ لسٽ بڻائي وڃي ته ڪهڙو سامان ڪڏهن صاف ڪرڻو آهي (مثال طور فريج، LCD، الماري وغيره)، پوءِ ان شيڊول مطابق صفائي ڪئي وڃي، اميد آهي ته اهو طريقو اپنائڻ سان هر شيء جو پنهنجي وقت تي صفائي سُٿرائي جو اِهتمام ٿيندو رهندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.    آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.

(2): صفائي بابت اسلامي تعليم  جي ٻي خصوصيت

صَفَائي سُٿرائي جي معاملي ۾ اسلام جي ٻي خصوصيت اها آهي ته اسلام صَفَائي سُٿرائي کي ڏهاڙي طور (As a festival) رائِج نٿو ڪري، بلڪه اسلام اسان کي صفائي سُٿرائي جو پُورو نِظَام فراهم ڪري ٿو، هنن ٻنهي طريقن يعني صفائي سُٿرائي جو ڏهاڙو ملهائڻ ۾ ۽ صفائي سُٿرائي جو پُورو نظام فراهم ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي، ڏهاڙو ملهائڻ سان صِرف آگاهي ڄاڻ ملي ٿي، ترغيب