Book Name:Safai Suthrai
ملي ٿي، صَفَائي سُٿرائي جو ذهن بڻجي ٿو پر صفائي سُٿرائي جو پُورو نظام فراهم ڪرڻ سان صِرف ذهن نٿو بڻجي بلڪه مِزاج ۾ تبديلي ايندي آهي، صاف سٿرو رهڻ عادت ۽ طبيعت جو حِصّو بڻجي ويندو آهي۔
مثال طَور؛ هٿ ڌوئڻ اهو صَفَائي سُٿرائي جو حِصو آهي. هر سال 15 اڪٽوبر تي عالمي سطح تي Global Handwashing Day (يعني هٿ ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن) ملهايو ويندو آهي۔ هن جو پنهنجي جڳھ تي فائدو آهي، ماڻهن کي هٿ ڌوئڻ جي ترغيب ملي ٿي، ڪجھ ماڻهو هن ڏينهن ڪيئي ڪيئي ڀيرا هٿ ڌوئيندا به هوندا پر اسلام جي خصوصيت اها آهي جو اسلام اسان کي هٿ ڌوئڻ جو ڏهاڙو ناهي ڏيندو بلڪه اسلام اسان کي هٿ ڌوئڻ جو سڄو نِظَام فراهم ڪري ٿو۔ اسلامي تعليمات مطابق هڪ مسلمان کي سڄي ڏينهن ۾ گهٽ مان گهٽ 12 ڀيرا هٿ ڌوئڻا پوندا آهن، ڏسو! * 24 ڪلاڪن ۾ 5 نمازون فرض آهن، هر نماز کان پهريان وُضُو ڪيو ويندو، لهٰذا 5 ڀيرا هٿ ڌوئڻا پوندا * وري کائڻ کان پهريان ۽ کائڻ کان بعد کائڻ جو وُضو ڪرڻ يعني هٿ ڌوئڻ، گرڙي ڪرڻ ۽ وات جو اڳيون حِصو ڌوئڻ سُنّت آهي۔ عام طور ماڻهو ڏينهن ۾ 3 ڀيرا ماني کائيندا آهن، لهٰذا هنن جي لاءِ ڏينهن ۾ 6 ڀيرا هٿ ڌوئڻ سُنت ٿيو، 5 ۽ 6=11 * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جڏهن توهان مان ڪو شخص ننڊ مان بيدار ٿئي ته پنهنجو هٿ ٿانوء ۾ وجھڻ کان پهريان ٽي ڀيرا هٿ ڌوئي ڇوته توهان مان ڪو نٿو ڄاڻي ته ان جي هٿ رات ڪٿي گذاري۔
عام طور ماڻهو 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ئي ڀيرو سمهندا آهن ۽ ننڊ کان بيدار ٿيندي ئي هٿ ڌوئڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔ اهو ڪُل 12 ڀيرا هٿ ڌوئڻ ٿيو۔ هن کان عِلاوه کوڙ موقعا آهن، جڏهن اسان کي هٿ ڌوئڻ جي ضرورت پيش