Book Name:Safai Suthrai

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيشاب کان نه بچڻ واري جي قبر مان پڪار!

صحابي اِبنِ صحابي، جنّتي اِبنِ جنّتي حضرت عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان سفر تي هئس، رستي ۾ هڪ هنڌ رات ٿي وئي، مان اها رات هڪ ٻڍڙيء جي گھر ۾ گذاري، ٻڍڙيءَ جي گھر جي ويجھو هڪ قبر هئي، مون قبر مان اهو آواز ٻُڌو؛ بَولٌ وَ مَا بَولٌ؟ شَنٌّ وَّ مَا شَنٌّ؟ يعني پيشاب! پيشاب ڇا آهي؟ مشڪيزو! مشڪيزو ڇا آهي؟ مون ٻڍڙيء کان ان آواز بابت پڇيو ته ان چيو: اها منهنجي مڙس جي قبر آهي، هن کي ٻن گُنَاهن جي سزا ملي رهي آهي (1): هو پيشاب ڪرڻ مهل پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچندو هو۔ مان ان کي چوندي هيس ته توتي افسوس! جڏهن اُٺ پيشاب ڪندو آهي ته اهو به پنهنجا پير ڪشاده ڪري ڇنڊن کان بچندو آهي پر تون هن معاملي ۾ بلڪل به احتياط نٿو ڪرين، منهنجو مڙس هن ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏيندو هو، ايستائين جو ان کي موت اچي ويو (2): ٻڍڙيءَ پنهنجي مڙس جو ٻيو گُنَاھ ٻڌائيندي چيو: هڪ ڀيرو ان وٽ هڪ اُڃايل شخص آيو، ان منهنجي مڙس کان پاڻي گھريو ته (منهنجي مڙس ان ويچاري اُڃايل شخص کي پريشان ڪرڻ جي لاءِ خالي مشڪيزي ڏانهن اشارو ڪندي) چيو: وڃ! ان مشڪيزي مان پاڻي پيء وٺ...! هو شخص اُڃايل هو، يڪدم مشڪيزي ڏانهن ويو، جڏهن ان مشڪيزو کنيو ته ان کي خالي ڏٺائين، اُڃ جي سختي سبب هو شخص بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ ان جي موت واقع ٿي وئي.

ٻڍڙيءَ پنهنجي ڳالھ جاري رکندي چيو: جڏهن کان منهنجو مڙس مئو آهي، اڄ تائين روزانو سندس قبر مان آواز ايندو آهي: بَولٌ وَ مَا بَولٌ؟ شَنٌّ وَّ مَا شَنٌّ؟