Book Name:Safai Suthrai

دِل جون بيماريون ۽ اُنهن جو عِلاج يعني دِل کي باطني بيمارين کان بچائڻ جي باري ۾ تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب باطنی بیماریوں کی معلومات پڙھي وٺو۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔  

12 ديني ڪمن  مان هڪ ديني ڪم: چوڪ درس

پيارا اسلامي ڀائرو! ظاهر ۽ باطِن جي صَفائي جو ذِهن بنائڻ، سُنّتن جو عامِل ۽ نيڪ پرهيزگار بڻجڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به وڌ کان وڌ حِصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دِين ۽ دُنيا جون بيشمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: چوڪ درس۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول مسجد ئي ۾ نه، گھٽي، محلي ۽ دُڪانن تي وڃي به دَرس ڏيندا آهن، نيڪيون ڪمائيندا آهن ۽ ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏئي سُنتن جو پيغام عام ڪندا آهن۔ اچو! چوڪ دَرس جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا،

وَقت جي اهميت نصيب ٿي

حيدر آباد (سنڌ، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: مون کي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ فلمون ڏسڻ جو تمام گھڻو شوق هو، بي عملي جو حال هي هو جو مان جمعي جي نماز به نه پڙھندو هئس بلڪه اهو برڪت ڀريو وقت به گُنَاهن ۽ فضوليات ۾ گذاريندو هئس۔ پوءِ مون تي ڪرم ٿيو۔ اسان جي علائقي ۾ هڪ اسلامي ڀاءُ چوڪ دَرس ڏيندو هو، هڪ ڏينهن ان محبت ڀري انداز ۾ مون کي