Safai Suthrai

Book Name:Safai Suthrai

پاڻي هجي يا ڪا ٻي پيئڻ جي شيء * پيئڻ کان پهريان بِسم الله پڙھو * چوسي ننڍڙا ننڍڙا ڍڪ پيو، وڏا وڏا ڍڪ پيئڻ سان جگر (Liver) جي بيماري پيدا ٿيندي آهي * پاڻي ٽن ساهن ۾ پيئو ويهي ۽ سڌي هٿ سان پيئو * لوٽي وغيره سان وُضُو ڪيو ته هن جو بچيل  پاڻي پيئڻ 70 مرض کان شفا آهي ڇو ته اهو آبِ زم زم شريف جي مشابهت رکي ٿو، هن ٻن (يعني وُضُو جو بچيل  پاڻي ۽ زم زم شريف) کان عِلاوه ڪو به پاڻي بيهي ڪري پيئڻ مڪروه آهي، اهي ٻئي پاڻي قبلي ڏانهن رخ ڪري بيهي پيئو * پيئڻ کان پهريان ڏسو ته پيئڻ جي شيء ۾ ڪا نقصان ده شيء وغيره ته نه آهي * پيئڻ کان بعد اَلحَمْدُ لِله چئو * امام محمد بن محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بِسمِ الله پڙھي پيئڻ شروع ڪيو، پهرين ساھ کان آخِر ۾ اَلحَمْدُ لِلهِ ٻي کان بعد اَلحَمْدُ لِلهِ رَبِّ الْعَالَمِيْن ۽ ٽئين ساھ کان بعد اَلحَمْدُ لِلهِ رَبِّ الْعَالَمِيْنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْم پڙھو۔ اهو هڪ سٺو ڪم آهي، نه به ڪيو ته حرج نه آهي ۽ شروع ۾ بِسمِ الله ۽ خَتم تي اَلحَمْدُ لِله چوڻ سان به سُنَّت ادا ٿي ويندي * گلاس ۾ بچيل مسلمان جي صاف سٿري اوڀر واري پاڻي کي قابِلِ استعمال ٿيڻ جي باوُجُود خوامخواه اڇلائڻ نه گھرجي * منقول آهي: سُؤْرُ المُؤْمِنِ شِفَاءٌ يعني مسلمان جي بچيل پاڻي ۾ شِفَا آهي * پيئڻ کان ڪجھ دير بعد خالي گلاس کي ڏسندؤ ته ان جي پاسي کان به ڪجھ قطرا ڪِري گلاس ۾ جمع ٿي چڪا هوندا، ان کي به پي وٺو۔([1])

مختلف سنتون ۽ آداب سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد: 3، حِصو: 16 ۽ امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪَاتُهُمُ الْعَالِيَه جي 100 صفحن جي ڪتاب  550 سنتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙھو! سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ


 

 



[1]... 550 سنتیں اور آداب، صفحہ: 16۔