Safai Suthrai

Book Name:Safai Suthrai

سَخت دِل آهي۔ ([1])

دِلِ مُردہ دِل نہیں، اسے زِندہ کر دوبارہ            کہ یہی ہے اُمَّتوں کے مرضِ کُہَن کا چارہ

 وضاحت: مَرضِ ڪهن: يعني پُراڻي بيماري۔ مطلب اهو آهي ته قومن جي پُراڻي مان پُراڻي مرض جو اهو ئي عِلاج آهي ته اُنهن جون دِليون زِنده ٿي وڃن۔

زندگی زندہ دلی کا نام ہے        مردہ دِل کیا خاک جیا کرتے ہیں

 اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو؛ دِل جي پاڪيزگي، دِل جي صَفَائي ظاهر جي صَفَائي کان وڌيڪ اَهم ۽ وڌيڪ ضروري آهي، ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان دِل جي صَفَائي سُٿرائي تي به وڌ کان وڌ تَوَجُّھ ڏيون۔ دِل سخت ٿيڻ جا ڪافي سبب آهن، مثال طور * گهڻو فُضُول ڳالهائڻ سان دِل مرده ٿي ويندي آهي * وڌيڪ کلڻ سان دِل مرده ٿيندي آهي * گهڻو کائڻ سان دِل مرده ٿيندي آهي * گُنَاهن جي ڪري دِل مرده ۽ سخت ٿيندي آهي۔ اهڙي طرح دِل جي مرده، سخت ۽ سياه هئڻ جا ٻيا کوڙ سبب به آهن۔

هن جي عِلاج جو طريقو اهو آهي ته * ماڻهو ڪثرت سان الله پاڪ جو ذِڪر ڪري * اهڙي طرح يتيمن، مسڪينن، غريبن سان نيڪ سلوڪ ڪري، هن سان به دِل جي صَفَائي ٿيندي آهي ۽ دِل جي سختي مان نجات ملندي آهي * موت کي ڪثرت سان ياد ڪرڻ به دِل جي ڪاراڻ جو زبردست عِلاج آهي۔

دِل ہے وہ دِل جو تری یاد سے معمور رہا           سَر ہے وہ سر جو ترے قدموں پہ قربان گیا([2])


 

 



[1]... ترمذی، کتابُ الزُّہد، صفحہ: 573، حدیث: 2411۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ: 55۔