Book Name:Safai Suthrai

الله پاڪ صِرف توهان جي ظاهري صُورت ۽ کل کي ناهي ڏسندو بلڪ الله پاڪ توهان جي دلين کي به ڏسندو آهي۔([1])

افسوس! اسان دِل جي اِصلاح تي توجھ  نٿا ڏيون

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو ته دِل رَبُّ العالمين جي نظر جو مقام آهي، تعجب آهي ان شخص تي جيڪو ظاهري چهري جي صفائي سُٿرائي جو اهتمام ڪري، ان کي ڌوئي، مر مٽي کان سٿرو رکي ته جيئن مخلوق ان جي چهري جي ڪنهن عيب تي آگاھ نه ٿئي پر دِل جو اهتمام نه ڪري جيڪا رَبُّ العالمين جي نظر جو مقام آهي۔([2]) 

دِل کہ تیمار ہمارا کرتا             آپ بیمار ہے کیا ہونا ہے([3])

چار شيون بدبختي مان آهن

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: 4 شيون بدبختي مان آهن: (1): جَمُودُ الْعَیْنِ يعني اکين ۾ لڙڪ نه اچڻ (2): قَسَاوَۃُ الْقَلْبِ دِل جي سختي (3): طُوْلُ الْاَمَلِ  وڏيون اُمِّيدون (4): ۽ اَلْحِرْصُ عَلَی الدُّنْیَا  دنيا جو حِرص ۽ لالچ۔ ([4])

هڪ حديثِ پاڪ ۾ ارشاد فرمايو: بيشڪ ماڻهن ۾ الله پاڪ کان سڀ کان پري


 

 



[1]... مسلم، کتابُ الْبِر، صفحہ: 1387، حدیث: 6564۔

[2]... منہاج العابدین، صفحہ: 182۔

[3]... حدائقِ بخشش، صفحہ: 166۔

[4]... مُسْنَدِ بَزَّار، جلد: 13، صفحہ: 88، حدیث: 6442۔