Book Name:Safai Suthrai
آهي ته ان جي تسبيح ڪرڻ رُڪجي ويندي آهي۔([1])
الله اَڪبَر! اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ انداز، پاڪيزه مزاج ڪيترو نِرالو آهي۔ لباس ڌوئڻو آهي، هن سان لباس صاف ٿي ويندو پر مقصد ڇا آهي؟ لباس جي مير ختم ٿئي ۽ هي تسبيح ڪري۔ * اسان وٽ گھرن ۾ عام طور خاص موقعن مثال طور (عيد، سالگره، ايصالِ ثواب جي ڪا محفل وغيره) تي وڌيڪ صفائي ڪئي ويندي آهي *..مهمانن کي اچڻو هجي ته وڏي اهتمام سان صفائي ٿيندي آهي *..گھر ۾ خواتين بيڊ جون چادرون * صوفن ۽ ويهاڻن جا ڪور (COVER) وغيره ڌوئي چمڪائينديون آهن، جيڪڏهن اسان کي ماڻهن جي پرواه نه رهي بلڪه الله پاڪ جي رِضا حاصِل ڪرڻ اسان جو مقصد بڻجي وڃي ته گھر ۾ استعمال ٿيندڙ ڪپڙا ڌوئڻ جي لاءِ ڪنهن به ڏهاڙي جو يا مهمانن جي اچڻ جو انتظار نه رهندو بلڪه جڏهن ڪپڙا ميرا ٿيندا ته ذِهن بڻجي ويندو ته جلد از جلد انهن کي ڌوتو وڃي ته جيئن ڪپڙن جي مير ختم ٿئي، اهي تسبيح ڪرڻ شروع ڪن ۽ ان جي تسبيح سان اسان کي ثواب ملي۔
لهٰذا صَفَائي سُٿرائي جي عادت بڻائي وڃي، ضرور بڻائي وڃي پر فيشن جي لاءِ نه، ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ نه بلڪه الله پاڪ جي رضا حاصِل ڪرڻ جي لاءِ، آخرت ۾ ڪاميابي جي لاءِ ۽ جنّت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔
کپڑے میں رکھوں صاف تُو دِل کو مرے کر صاف مولیٰ تُو مدینہ مرے سینے کو بنا دے
اخلاق ہوں اچھے، مرا کردار ہو ستھرا محبوب کا صدقہ تو مجھے نیک بنا دے([2])