Book Name:Safai Suthrai
صَفَائي سُٿرائي عِبَادات جو حِصّو آهي، مثال طور * وُضُو ڪرڻ عِبَادت آهي * غُسل چڱي نيت سان هجي ته عِبَادت آهي * جمعه وارو غسل عبادت آهي * عيد واري ڏينهن جو غسل عبادت آهي * کائڻ جو وُضُو سُنّت جي ادائيگي جي نيت سان هجي ته عبادت آهي * مِسواڪ ڪرڻ سُنّت جي نيت سان هجي ته عبادت آهي * ڪپڙن کي ناپاڪي کان بچائڻ * ڪپڙا پاڪ صاف رکڻ، الله پاڪ جي رضا جي نيت سان هجي ته عبادت آهي * مٿي ۾ تيل لڳائڻ * ڏاڙھي جو اِڪرام ڪرڻ سُنّت جي ادائيگي طور هجي ته عبادت آهي.
اهڙي طرح طهارت، صَفَائي سُٿرائي ۽ پاڪيزگي جون کوڙ صُورتون آهن جن کي عبادت ۾ شامِل ڪيو ويو آهي، حضرت اِبنِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪو طاهر ٿي (يعني باوُضُو يا غسل فرض هجي ته غسل ڪري) رات گذاري، ان وٽ هڪ ملائڪ رهي ٿو، هو رات ۾ جڏهن به بيدار ٿئي، ملائڪ دُعا ڪندو آهي: اَللّٰہُمَّ اغْفِرْ لِعَبْدِکَ کَمَا بَاتَ طَاہِراً يا الله پاڪ! پنهنجي ٻانهي جي بخشش فرماءِ جيئن هن پاڪ ٿي رات گذاري۔([1])
اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! اها آهي اسلام جي تعليم...! اسلام اسان کي صَفَائي سُٿرائي جو حڪم ڏئي ٿو پر فيشن طور نه بلڪ عِبَادت طور۔ يعني صَفَائي سُٿرائي اپنايون پر ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ نه، پنهنجي واھ واھ جي لاءِ نه، پنهنجي تعريف جي لالچ ۾ نه، بلڪه الله پاڪ جي رِضا حاصِل ڪرڻ جي لاءِ۔ جيڪڏهن اسان الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ، آخرت ۾ ڪاميابي جي لاءِ، جنّت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ صَفَائي سُٿرائي جي عادت اپنائينداسين ته هن جي لاءِ اسان کي هزارين روپيا خرچ نه ڪرڻا پوندا بلڪه اها صَفَائي سُٿرائي جيڪا الله پاڪ