Book Name:Safai Suthrai

جي رضا جي لاءِ هجي، هن ۾ سادگي غالِب رهندي * سادڙا، گھٽ قيمت وارا به ڪپڙا هجن، جيڪڏهن الله پاڪ جي رضا مقصود آهي ته ان کي صاف سٿرو رکي سگھجي ٿو ۽ جيڪڏهن ماڻهن کي ڏيکارڻ مقصد هجي، پنهنجي واھ واھ  مقصد هجي ته ظاهر آهي هزارن جو لباس به ناڪافي ٿيندو * جيڪڏهن الله پاڪ جي رضا مقصد آهي ته چاهي ننڍڙو گھر هجي، چاهي ڪچو گھر هجي، ان کي به صاف سٿرو رکي سگھجي ٿو * جيڪڏهن الله پاڪ جي رضا مقصود هجي ته ڏند صاف ڪرڻ جي لاءِ مهانگي ٽوٿ پيسٽ جي ضرورت نه آهي، 10-20 روپين وارو مسواڪ به ڪم ڪندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مهانگي ٽوٿ پيسٽ کان وڌيڪ ڪم ڪندو * جيڪڏهن الله پاڪ جي رضا مقصود هجي ته پنهنجي گھر جو ڪچرو پاڙيسري جي دروازي تي اڇلائڻ پسند نه هوندو * ڪچري جي ڍير تائين وڃڻ ۾ تڪليف محسوس نه ٿيندي، * جيڪڏهن الله پاڪ جي رضا مقصود هجي ته اسان فيشن کان بچي بهترين انداز ۾ صَفَائي سُٿرائي جي عادت اپنائي سگھون ٿا۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ، سُنتن جو لحاظ رکي صَفَائي سُٿرائي جي عادت اپنايون۔

  ڪپڙو  تسبيح ڪندو رهي ٿو

اُمُّ المُؤمِنِين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا فرمائن ٿيون: مون وٽ ٻنهي جھانن جا تاجدار، نبين جا سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون: اي عائشه! هنن ٻنهي چادرن کي ڌوئي وٺو...! مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان...! ڪالھ ئي ته مون اهي چادرون ڌوتيون هيون۔ هن تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: ڇا توهان کي خبر ناهي  ته ڪپڙو به تسبيح (يعني الله پاڪ جي پاڪي بيان) ڪندو آهي ۽ جڏهن ميرو ٿي ويندو