Book Name:Safai Suthrai

اسان جي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا اهي 6 جا 6 نالا اھي آهن جيڪي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي طهارت ۽ سُٺائي ۽ پاڪيزگي کي بيان ڪن ٿا۔

جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي طهارت ۽ پاڪيزگي جو بيان

اسان وٽ عام طَور تي ٺلهو نالا هوندا آهن يعني ماڻهن جا ڪم، نالي جي اُبتڙ هوندا آهن، کوڙ ماڻهن جو نالو هوندو آهي: ساجِد (سجدو ڪرڻ وارو) پر هو پَڪو بي نمازي هوندو آهي۔ کوڙ آهن جن جو نالو هوندو آهي: صادِق (سچّو) پر اهي ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن۔

پر اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو معاملو ايئن نه آهي، حُضُورِ اَقدَس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي هر نالي جي لحاظ کان اِسْم بَا مُسَمّٰي آهن يعني پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جا جھڙا نالا آهن، پاڻ حقيقت ۾ به اهڙا ئي آهن۔

* اسان جا پيارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن دُنيا ۾ تشريف فرما ٿيا ته بلڪل پاڪ صاف هئا * سندن امڙ سائڻ سَيده آمنه، طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا فرمائن ٿيون:  وَلَدْتُّہٗ نَظِیْفًا مَا بِہٖ قَذْرٌ يعني منهنجي لختِ جگر، شهنشاھِ بحر وبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جڏهن دُنيا ۾ تشريف فرما ٿيا ته بلڪل پاڪ صاف هئا، ڪنهن قسم جي ڪا غلاظت بدن مبارڪ تي نه هئي([1])* جنتي صحابي، حضرت انس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ فرمائن ٿا: مون ڪڏهن ڪو ريشم اهڙو نه ڏٺو جيڪو منهنجي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ تري کان وڌيڪ نرم هجي ۽ مون ڪڏهن ڪا کٿوري يا عنبر اهڙي ناهي سونگھي جيڪا خوشبوئن واري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ خوشبو کان وڌيڪ خوشبودار هجي([2])


 

 



[1]... شرح الزرقانی علی المواہب، ولادتہ و عجائب..، جلد: 1، صفحہ: 220۔

[2]... مسلم، کتاب: الفضائل، باب: طیب رائحۃ النبی، صفحہ: 912، حدیث: 2330 بتقدم و تاخر۔