Book Name:Safai Suthrai

(4):صفائي بابت اسلامي تعليم جي چوٿين خصوصيت

اي عاشقانِ رسول! صَفَائي سُٿرائي جي معاملي ۾ اسلام جي خصوصيتن مان هڪ خصوصيت اها به آهي ته اسلام صِرف ظاهر جي نه بلڪه باطِن جي صَفَائي تي به گھڻو زَور ڏي ٿو، ايستائين جو قرآنِ ڪريم ۾ لفظِ طهارت (پاڪيزگي) ڪئي مقامن تي ذِڪر ڪيو ويو آهي، ان ۾ اڪثر مقام اهي آهن، جتي لفظِ طهارت سان ظاهر جي نه بلڪ دِل جي، باطِن جي صَفَائي سُٿرائي مراد آهي۔ حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪشفُ المَحجُوب شريف ۾ فرمائن ٿا: ايمان کان بعد سڀ کان پهريون فرض طهارت آهي۔ واضِح رهڻ گھرجي ته طهارت ٻن قسمن جي آهي: (1): باطني طهارت (2): ظاهري طهارت۔ جهڙي طرح ظاهري طهارت جي بنا نماز دُرُست ناهي ٿيندي، اهڙي طرح باطني طهارت جي بغير الله پاڪ جي مَعرِفت نصيب ناهي ٿيندي۔([1])

دِل جي صَفَائي وڌيڪ ضروري آهي

اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اِنَّ فِی الْجَسَدِ مُضْغَۃً بيشڪ جسم ۾ هڪ رت جو ٽڪرو آهي، اِذَا صَلَحَتْ صَلَحَ الْجَسَدُ کُلُّہٗ جڏهن اهو ٽڪرو ٺيڪ ٿي وڃي، سڄو جسم ٺيڪ ٿي ويندو آهي وَ اِذَا فَسَدَتْ فَسَدَ الْجَسَدُ کُلُّہٗ جڏهن اهو ٽڪرو خراب ٿي وڃي ته سڄو جسم خراب ٿي ويندو آهي اَلَا وَہِیَ الْقَلْبُ ٻُڌي وٺو! رت جو اهو ٽڪرو دِل آهي۔([2]) هڪ حديثِ پاڪ ۾ اِرشاد آهي: بيشڪ


 

 



[1]... کشف المحجوب، صفحہ: 423۔

[2]... بخاری، کتابُ الْاِیْمان، صفحہ: 84، حدیث: 52۔