Book Name:Safai Suthrai

مشهور مُفَسِّر قرآن مفتي احمد يار خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي وضاحت ۾ فرمائن ٿا: يعني  اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جي نماز جي لائق مسجد قُبَا آهي، هن مَسجِد ۾ 2 خُوبيون آهن (1): هڪ اها ته هن مسجد جو بنياد تقوي ۽ پرهيز گاري تي رکيو ويو آهي (2): ٻيو اهو ته هن مسجد ۾ اهڙا ماڻهو نمازون پڙهندا آهن جن کي خُوب پاڪ ۽ سٿرو هئڻ پسند آهي، انهن جا ڪپڙا، جسم، دِل، دماغ، رُوح، اَعمَال، اَقوال، اَحوال سڀ ڪچھ پاڪ آهن ۽

وَ اللّٰهُ یُحِبُّ الْمُطَّهِّرِیْنَ(۱۰۸)  (پاره: 11، سورة التوبۃ:  108)

ترجمو ڪنزُالعرفان: ۽ الله خوب پاڪ ٿيڻ وارن سان محبت فرمائي ٿو.

يعني الله پاڪ خُوب پاڪ سٿرن کي پسند فرمائي ٿو، جڏهن قُبَا مَسجِد ۾ نماز پڙھڻ وارا پاڪ سٿرا آهن ته ضرور اهي الله پاڪ جا پيارا آهن، جڏهن هو الله پاڪ جا پيارا آهن ته انهن جي مَسجِد به الله پاڪ کي پياري آهي، جڏهن مَسجِد پياري آهي ته ان ۾ نماز به الله پاڪ کي پياري آهي۔([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا 6 پاڪيزه نالا

 اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ طهارت کي، پاڪيزگي کي ۽ صفائي سُٿرائي کي


 

 



[1]... تفسیر نعیمی، پارہ: 11، سورۂ: توبہ، تحت الآیۃ: 108، جلد: 11، صفحہ: 62 ملتقطاً۔