Book Name:Safai Suthrai

پيشاب! پيشاب ڇا آهي؟ مشڪيزو! مشڪيزو ڇا آهي؟([1])

عطا کر عافیت تُو نَزْع و قبر و حشر میں یارَبّ!                 وسیلہ فاطِمہ زَہرا کا کر لطف و کرم مولیٰ

بَراءَت دے عذابِ قبر سے، نارِ جہنم سے                 مہِ شعبان کے صدقے میں کر فضل و کرم مولیٰ

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مذاق مسخري،  دِل  آزاري گُنَاھ آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن عبرتناڪ حِڪايت ۾ سکڻ ۽ سمجھڻ جا کوڙ مدني گل موجود آهن، خاص ڪري هن ۾ ماڻهن کي پريشان ڪرڻ، ماڻهن جو مذاق اُڏائڻ ۽ پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ جو وبال بيان ٿيو۔ افسوس! اڄڪلھ اهي ٻئي گُنَاھ عام ٿيندا پيا وڃن * چار دوست گڏجي ويٺا هجن * دفترن ۽ ادارن ۾ هڪ هنڌ ڪم ڪرڻ وارا (يعني Colleague) * بلڪ سڳا ڀائر به ڪڏهن ڪڏهن  هڪ ٻي جي ڪلاس لڳائيندا آهن، هڪٻئي جو مذاق اُڏائيندا آهن ۽ چرچا ڪندي نظر ايندا آهن * افسوس! ڪافِر معاشرن جي اکيون ٻُوٽِي پيروي سبب ماڻهو دِين کان ايتري قدر پري ٿيندا پيا وڃن جو هاڻي مسلمان سڏائڻ وارا به اپريل فُول  (April Fool)  جي نالي تي ڪوڙ، مذاق مسخري، دِل آزاري وغيره جو باقاعِده ڏهاڙو ملهائيندا آهن ۽ هڪٻئي جي عِزتِ نفس خراب ڪندا آهن۔ ياد رکو! اپريل فُول (April Fool) هجي يا ڪو ٻيو موقعو، مسلمان جي عِزتِ نفس کي خراب ڪرڻ ۽ مذاق اُڏائي دِل آزاريون ڪرڻ سخت گُنَاھ ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي اهڙي گندين عادتن کان محفوظ فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.


 

 



[1]... عُیُون الحکایات، حصہ دوم، صفحہ: 187-188 بتغیّر قلیل۔