Book Name:Safai Suthrai

* پنهنجي سُواري وغيره بابت غور ڪيون ته ڇا اسان هنن تمام هنڌن تي صفائي سُٿرائي جو خيال رکون ٿا؟ * پنهنجي گهٽي * محلي جي باري ۾ به غور ڪرڻ گھرجي * هيءُ  پاڪيزه وطن پاڪستان اسان جو پيارو ملڪ آهي * اسان جنهن شهر ۾ رهون ٿا، اهو اسان جو پيارو شهر آهي * جنهن پاڙي ۾ رهون ٿا * جنهن گهٽي ۾ رهون ٿا، ان بابت به غور ڪرڻ گھرجي، ڇا اسان پنهنجي گهٽي کي، پنهنجي پاڙي کي، پنهنجي شهر ۽ پنهنجي وطَن کي پاڪ صاف رکڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا؟ جيڪڏهن خيال نٿا ڪيون ته اڄ کان نيت ڪري وٺو! اسان طاهر نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا اُمّتي آهيون، اسان طيب نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو پڙھڻ وارا آهيون، اسان  جو حق ٿئي ٿو ته اسان پاڪيزگي اختيار ڪريون، اسان صفائي سُٿرائي وارو مزاج اپنايون، پنهنجي، پنهنجي لباس جي، پنهنجي گھر جي، پنهنجي گهٽي محلي جي، پنهنجي شهر، پنهنجي وطن جي جيتري صفائي سُٿرائي اسان جي اختيار ۾ آهي، اها ته اسان کي ڪرڻ ئي گھرجي۔

اِسلام  صفائي سٿرائي جو دين آهي

اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: تَنَظَّفُوْا بِکُلِّ مَا اسْتَطَعْتُم پنهنجي وس آهر صفائي اختيار ڪيو! فَاِنَّ اللہَ تَعَالٰی بَنَی الْاِسْلَامَ عَلَی النَّظَافَۃِ  ڇوته بيشڪ الله پاڪ اِسلام جو بنياد صفائي تي رکيو آهي۔([1])

الله پاڪ اسان سڀني کي نفاست، نظافت، صفائي سُٿرائي ۽ پاڪيزگي وارو مزاج نصيب فرمائي۔ آمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔  


 

 



[1]... جامع صغیر، صفحہ: 202، حدیث: 3369۔