Book Name:Safai Suthrai

بہرِ دیدار جھک آئے ہیں زمیں پر تارے             واہ اے جلوۂ دِلدار! چمکنا تیرا([1])

واه! خوش نصيبي...!! منهنجا ڪريم آقا، منهنجا رَحِيم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ڪرَم جي برسات وسائيندي مون غُلام جي ويجھو تشريف فرما ٿيا ۽ محبت ڀري لهجي ۾ فرمايائون: اي منهنجا پيارا اُمَّتي! جنهن وات سان تون مون تي درود پڙھين ٿو، ويجهو ڪر! مان اُن وات کي چمان۔

قربان میں اُن کی بخشش کے، مقصد بھی زباں پر آیا نہیں                  بِن مانگے دیا اور اتنا دیا، دامن میں ہمارے سمایا نہیں

حضرت محمد بن سعيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪائنات جي جان، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ ذيشان ٻڌي مون کي حياءُ اچي ويو ته ڪٿي منهنجو وات ۽ ڪٿي حُضُور جا پيارا پيارا، سهڻا سهڻا مبارڪ چَپ...!! اهو سوچي مون حياءُ سبب پنهنجو چهرو جھڪائي ورتو، هاڻي سراپا حُسن و جمال، بي بي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ منهنجي ڳل تي چُمي ڏني...!!  

ارمان زَدوں کی ہیں تمنائیں بھی پیاری   ارمان نکالا تو کس ارماں سے نکالا([2])

حضرت محمد بن سعيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي هن عنايت سان نوازيو ئي هو ته منهنجي اک کلي وئي، منهنجي گھرواري جيڪا ويجھو ئي سُتل هئي، اها به جاڳي پئي، اسان جو گھر پاڪيزه نبي، مڪي مدني، رسولِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خوشبوئن سان مهڪي رهيو هو ۽ منهنجو ڳل ته 8 ڏينهن تائين مهڪندو


 

 



[1]... ذوقِ نعت، صفحہ: 26۔

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ: 60۔