Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

هتي الله پاڪ زِندگي ۽ موت پيدا ڪرڻ جي حڪمت بيان فرمائي ته زِندگي ۽ موت کي ان ڪري پيدا ڪيو ويو ته جيئن توهان جي آزمائش ٿئي، توهان کي پرکيو وڃي۔ ڪهڙي آزمائش هوندي؟ ڪهڙي جانچ ڪئي ويندي؟ فرمايو:

اَیُّكُمْ اَحْسَنُ عَمَلًاؕ-  (پاره:29، سورۂ ملڪ: 2)    

ترجمو ڪنزالايمان: توهان مان ڪنھنجو عمل وڌيڪ سٺو آهي.

حضرت اِبنِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا کان روايت آهي: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سورت مُلڪ جي تِلاوت فرمائي جڏهن هن آيت سڳوري تي پهتا ته فرمايائون: اها جانچ ٿيندي ته ڪير الله پاڪ جي حرام ڪيل شين کان وڌيڪ بچي ٿو ۽ ڪير الله پاڪ جي اَحڪامن تي عمل ڪرڻ ۾ وڌيڪ جلدي ڪرڻ وارو آهي۔([1])

صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضۡوَان جي آزمائش جو واقعو

6 هجري جو واقعو آهي، ان سال صحابي سڳورا رَضِیَ اللهُ عَنْهُمۡ عمري جي نيت سان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ مڪي شريف روانا ٿيا، مڪي پاڪ ۾ ان وقت تائين ڪافِرن جي حڪومت هئي، لهٰذا صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمۡ کي حُدَيبِيه نالي هنڌ تي رُڪڻو پيو، نيٺ ڪافِرن سان هڪ مُعَاهدو ڪيو ويو جنهن کي صُلح حُدَيبِيه چيو ويندو آهي۔

ان موقعي تي صحابي سڳورن رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمۡ جو امتحان ورتو ويو، شريعت جو حڪم آهي ته جڏهن احرام ٻڌل هجي، ان وقت خشڪي جي جانورن کي مارڻ، انهن جو شڪار ڪرڻ حرام آهي۔ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمۡ جيئن ته عمري جي


 

 



[1]...تفسیر قرطبی، پارہ:29، سورۂ ملک، ھیٺ آیت:2، جلد:9، صفحہ:135۔