Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

يعني اسان انهن کي ڏڪار، بُک، بيمارين وغيره ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو ته جيئن اهي انهن مصيبتن جي ڪري اسان جي در تي اچن، اسان جي بارگاھ ۾ ٻاڏائن، اسان جي رسولن جي پيروي ڪن ته اهي ماڻهو اسان جي در تي ٻاڏائيندي ڇو نٿا اچن؟ ڇا انهن کي اسان جي رحمت جي ضرورت ناهي؟ ڇا اسان پنهنجو در اُنهن جي لاءِ بند فرمايو هو؟ ڇا انهن کي اسان جي دَر تي اچڻ ۾ ڪجھ خرچ ڪرڻو پوي ٿو؟ نه، انهن تي دروازو بند نه ڪيو ويو، پوءِ به انهن ائين نه ڪيو، نه اهي اسان جي رسول (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم) جا فرمانبردار بڻيا، نه انهن مصيبتن کان انهن جون اکيون کليون، ڇو؟ ان ڪري جو انهن جون دليون سخت ٿي چڪيون آهن۔([1])

الله پاڪ اسان سڀني کي هر حال ۾ صبر ۽ شُڪر جو پيڪر بڻجي رهڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

بيان جو خُلاصو

اي عاشقانِ رسول! اهي آهن آزمائشون.. ڪيتري قسمن جون آهن؟ ٽن قسمن جون: (1):شرعي اَحڪام (2): مختلف نعمتون (3): ڏُک، دَرد ۽ پريشانيون۔ شَرعِي اَحڪام وارين آزمائش ۾ ڪاميابي جو اهو طريقو آهي ته اسان پُوري زِندگي شريعت تي عمل پيرا رهون، خوشين ۽ نعمتن جي ذريعي جيڪا آزمائش ٿيندي آهي، ان ۾ ڪاميابي جو طريقو اهو آهي ته اسان الله پاڪ جو شُڪر ادا ڪيون ۽ مصيبت، پريشاني وغيره جي صُورت ۾ جيڪا آزمائش ايندي آهي، ان ۾ ڪاميابي جو طريقو اهو آهي ته اسان تَوبه ڪيون، گُنَاھ ڇڏي ڏيون، نيڪين ڏانهن وڌون ۽ صَبر جو دامن هٿ مان وڃڻ نه ڏيون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:7، سورۂ انعام، ھیٺ آیت:43۔