Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

هن آيت سڳوري ۾ ٻڌايو ويو ته ڏڪار، برسات نه وسڻ، پيداوار جي قلت، واپار جو نقصان، بي برڪتي، طرح طرح جون بيماريون، سامونڊي طوفان ۽ مختلف آزمائشون گُنَاهن جي ڪري اينديون آهن۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: بيشڪ انسان گُنَاهن جي سبب رِزق کان محروم ڪيو ويندو آهي۔([1])

گناهن جي ڪري ايندڙ  آزمائش جون ٻه حڪمتون

          اي عاشقانِ رسول! هن آيت سڳوري جي آخر ۾ گُنَاهن جي ڪري ايندڙ آزمائشن جون ٻه حڪمتون بيان ٿيون آهن:

(1): ارشاد  ٿئي ٿو:

لِیُذِیْقَهُمْ بَعْضَ الَّذِیْ عَمِلُوْا  (پاره:21، سورۂ رُوم:41)     

ترجمو ڪنزالعرفان:  ته  جيئن الله انهن کي انهن جي ڪجھ ڪمن جو مزو چکائي.

يعني تڪليفون، پريشانيون، مصيبتون، بيماريون، تنگ دستيون، بيروزگاريون ڇو اچن ٿيون؟ گُنَاهن جي سزا طور۔ لهٰذا جڏهن به ڪا مصيبت يا پريشاني اچي ته غَور ڪرڻ کپي ته اسان کان ڪهڙو گُنَاھ ٿيو جو جنهن جي سزا جي طَور تي اها پريشاني آئي آهي، کوڙ ماڻهو ايئن چوندي ٻڌا ويندا آهن: مولانا صاحِب! وڏا وِرد وَظِيفا ڪيا، سجدن ۾ ڪِري به رُناسين، کوڙ دُعائون گھريون پر پريشاني حَل نه ٿي ٿئي۔ پيارا اسلامي ڀائرو! پهريان ته اسان کي پاڻ کي نيڪ سمجھڻ ئي نه گھرجي ۽ اهو به ياد رکو! اسان وسري وڃون ٿا پر الله پاڪ وسرڻ کان پاڪ


 

 



[1]...سنن ابن ماجہ، کتاب: الفتن، صفحہ:649، حدیث:4022۔