Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

۽ الله پاڪ اهو انعام ڇو بخشيو، اهو فضل ڇو فرمايو، ان جي حڪمت بيان ڪندي حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: ([1])

لِیَبْلُوَنِیْۤ ءَاَشْكُرُ اَمْ اَكْفُرُؕ- (پاره:19، سورۂ نمل، آيت:40)      

ترجمو ڪنزالايمان:  ته جيئن مون کي آزمائي ته مان شڪر ڪريان ٿو يا ناشڪري؟

معلوم ٿيو اِنعامات جي ذريعي، نعمتون ڏئي، خوشيون ڏئي، مال ۽ دولت ڏئي به آزمايو ويندو آهي ۽ هن ۾ آزمائش ڪهڙي آهي؟ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ٻانهو شڪر گذار بڻجي ٿو يا ناشڪري ڪري ٿو، ڪير آهي جيڪو نعمتون ملڻ تي فخر ۽ غرور ۽ تَڪبُّر جو شِڪار ٿي وڃي ٿو ۽ ڪير آهي جيڪو عاجزي ۽ انڪساري ڪري ٿو، ڪير آهي جيڪو نعمتن کي پنهنجي طاقت ۽ قُوَّت ۽ محنت جو نتيجو قرار ڏئي ٿو ۽ ڪير ان نعمتن کي صرف الله پاڪ جو  فضل سمجھي ٿو۔ اها آهي آزمائش.!

نعمتن جي ڪثرت باغي بڻائي ڇڏي ٿي

عام طَور تي جيڪا شڪوه شڪايت ڪئي ويندي آهي اها مصيبت ۽ پريشاني واري آزمائش تي ڪئي ويندي آهي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اَصل آزمائش نعمتون ملڻ آهي ڇوته نعمتن جي ڪثرت، مال ۽ دولت جي ڪثرت، عِزت، شهرت، مقام ۽ مرتبو، خوشحالي، اهي تمام شيون عام طور تي انسان کي سرڪش باغي بڻائي ڇڏين ٿيون يا گهٽ ۾ گهٽ غفلت جو سبب بڻائن ٿيون ۽ انسان ڏينهو ڏينهن راھِ حق کان پري ٿيندو ويندو آهي ۽ ڪجھ نادان ته اهي به آهن جيڪي نعمتن جي ڪثرت، خوشحالي ۽ مقام ۽ مرتبي جي ڪري غرور ۽ تَڪبُّر جي اهڙي کڏ ۾ ڪرندا آهن جو هميشه جي لاءِ ذليل ۽ رُسوا ٿي ويندا آهن۔ ڏسو! *فرعون کي آزمايو ويو هو، ڪيئن؟ تاج ۽ تخت ۽


 

 



[1]...واقعي  جي تفصيل جي لاءِ ڏسو: تفسیر صراط الجنان، جلد:7، صفحہ:200 تا 205۔