Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

جيڪو دِين ۾ پختو هجي، ان جي آزمائش به سخت ٿيندي آهي ۽ جيڪو دِين ۾ ڪمزور هجي، ان جي آزمائش ان جي دِين جي مطابق ٿيندي آهي۔([1])

بارگاھِ انبياء ۾ ايندڙ آزمائشن جون حڪمتون

عالم سڳورا بارگاھ انبياء ۾ حاضِر ٿيندڙ آزمائشن جون حڪمتون بيان ڪندي فرمائن ٿا: انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام کي عام ماڻهن جي نسبت گھڻو ثواب ملندو آهي، انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام ڪامِل ۽ اڪمل فضيلتن وارا آهن، انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي خدمت ۾ آزمائشون حاضِر ٿينديون آهن، ته جيئن ماڻهو نبي سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلَام جو صبر ۽ انهن جو الله پاڪ جي رضا ۾ راضِي رهڻ ڏسن ۽ انهن جي پيروي ڪن، انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام عام انسانن وانگر ناهن هوندا، انهن جا فضائِل گھڻا هوندا آهن، کين معجزا عطا ڪيا ويندا آهن، لهٰذا انهن تي آزمائش به موڪلي ويندي آهي ته جيئن ماڻهو انهن کي خُدا نه سمجھن۔([2])

 ولي سڳورن کي پيش ايندڙ آزمائشن جون حڪمتون

اَولياءِ ڪرام جي خدمت ۾ حاضِر ٿيندڙ آزمائشن جي حڪمت ڪهڙي آهي، ان جو بيان ڪندي عَلَّامه قرطبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ پنهنجي پاڪيزه ٻانهن جي آزمائش فرمائيندو آهي ته جيئن اهي فضيلتن ۾ ڪامِل ٿي وڃن، الله پاڪ وٽ انهن جا درجات بلند ٿين۔ حُضُور غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ پنهنجي ولين کي هميشه آزمائشن ۾ رکندو آهي ته جيئن انهن جون دِليون هميشه الله پاڪ ڏانهن متوجھ رهن، انهن تي ڪڏهن غفلت طاري نه ٿئي ۽ ان جو سبب اِهو آهي ته الله پاڪ انهن سان محبت فرمائي ٿو ۽ اهي الله پاڪ سان محبت ڪندا آهن ۔([3])


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:69، حدیث:1054۔

[2]...فیضُ القدیر، جلد:1، صفحہ:662، ھیٺ حدیث:1054 خُلاصۃً۔

[3]...فیض القدیر، جلد:1، صفحہ:663، ھیٺ حدیث:1055 خلاصۃً۔