Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

انڌي، ڪوڙه ۾ ورتل  ۽ گنجي جي آزمائش

بُخاري شريف جي حديثِ پاڪ آهي: حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ راوي آهن، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: بني اسرائيل ۾ 3 شخص هئا: (1): ڪوڙھ(يعني جسم تي اڇي داغن) جو مريض (2):گنجو ۽ (3):انڌو۔

 قُدرت کي انهن ٽنهي جو امتحان وٺڻو هو، الله پاڪ انهن ٽنهي وٽ هڪ ملائڪ موڪليو۔ اُن ملائڪ ڪوڙھ واري وٽ اچي چيو: توکي ڪهڙي شيء گھڻي پسند آهي؟ ڪوڙھ واري چيو: سٺو رنگ، خوبصورت جسم ۽ ان بيماري جو خاتمو جنهن جي ڪري ماڻهو مون کي بُرو سمجھن ٿا۔ ملائڪ ان جي جسم تي هٿ ڦيريو ته ان جي بيماري ختم ٿي وئي ۽ ان کي سٺو، خوبصُورت جسم ڏنو ويو۔ ملائڪ ٻيهر پڇيو: توکي ڪهڙو مال وڌيڪ پسند آهي؟ چيائين: مون کي اُٺ گھڻا پسند آهن۔ ان کي 10 حامله ڏاچيون ڏنيون ويون۔ هاڻي ملائڪ ان کي مال ۾ برڪت جي دُعا ڏني ۽ هليو ويو۔

پوءِ ملائڪ گنجي وٽ اچي پڇيو: توکي ڪهڙي شيء گھڻي پسند آهي؟ گنجي ٻڌايو: بهترين وار ۽ ان بيماري جو خاتمو جنهن سبب ماڻهو مون کان نفرت ڪن ٿا۔ ملائڪ هٿ ڦيريو ته ان جي به بيماري ختم ٿي وئي ۽ ان کي بهترين وار ڏنا ويا۔ هاڻي ملائڪ پڇيو: توکي ڪهڙو مال گھڻو پسند آهي؟ چيائين: ڳئون۔ ملائڪ ان کي هڪ حامِله ڳئون ڏني ۽ برڪت جي دُعا ڏئي اڳتي هليو ويو۔

پوءِ ملائڪ انڌي وٽ اچي پڇيائين: توکي ڪهڙي شيء گھڻي پسند آهي؟ انڌي چيو: الله پاڪ مونکي اکيون موٽائي ڏئي ته جيئن مان ماڻهن کي ڏسي سگھان۔ ملائڪ هٿ ڦيريو ته ان جون اکيون روشن ٿي ويون۔ ملائڪ ٻيو سوال پڇيو: توکي ڪهڙو مال گھڻو پسند آهي؟ ان چيائين: ٻڪريون۔ ان کي حامله ٻڪري ڏني وئي۔