Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

امتحان جون قسمون ۽ ڪاميابي جا طريقا

اسان وٽ عام طَور تي مشڪل، پريشاني، بيماري، تنگ دستي ۽ غربت وغيره کي ئي آزمائش چيو ويندو آهي پر حقيقت ۾ ايئن نه آهي، قرآنِ ڪريم کي غور سان سمجھي پڙھيو وڃي ته خبر پوندي آهي ته دُنيا جي هن زِندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ اسان کي جن آزمائشن مان گذرڻو پوندو آهي، انهن آزمائشن کي 3 قسمن ۾ ورهايو ويو آهي:

(1): شرعِي اَحڪام (2): خُوشيون ۽ نعمتون (۳):مشڪلاتون، مصيبت ۽ پريشانيون

(1):شَرعِي اَحڪام جي ذريعي آزمائش جو بيان

شرعِي احڪام: هي به آزمائش آهن * اسان تي روزانو 5 نمازون فرض آهن *رمضان المبارڪ جا روزا فرض آهن * شرط لڌا وڃن ته زڪوٰة فرض ٿيندي آهي *شرط پورا هجن ته حج فرض ٿيندو آهي * والدين جي خِدمت *رشتيدارن سان نيڪ سلوڪ * شراب کان بچڻ * جُوا کان بچڻ * وياج * رشوت وغيره کان بچڻ، مطلب جيترا شرعي اَحڪام آهن، انهن سڀني جي ذريعي اسان کي آزمايو ويندو آهي، پرکيو ويندو آهي، امتحان ٿيندو آهي ته ڪير الله پاڪ جا اَحڪام تمام گھڻي فرمانبرداري سان مڃي ٿو ۽ ڪير عقل جا گھوڙا ڊوڙائي ٿو، ڪير نفس ۽ شيطان جي ڳالھ مڃي الله پاڪ جي نافرماني ڪري ٿو، ڪير مال ۽ دولت جي لالچ ۾ الله پاڪ کي وساري ٿو، پنهنجي گناهن تي آڪڙجي ٿو، ڪير آهي جيڪو جنّت جي بدلي جهنّم خريدي ٿو؟ سيپاري: 29، سورت ملڪ، آيت:2 ۾ ارشاد آهي:

الَّذِیْ خَلَقَ الْمَوْتَ وَ الْحَیٰوةَ لِیَبْلُوَكُمْ  (پاره:29، سورۂ ملڪ: 2)          

ترجمو ڪنزالايمان: اهو جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ته جيئن توهان جي آزمائش ٿئي.