Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

نيت رکندا ها، اِحرام ٻڌل هئا، صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمۡ ۾ ڪيئي اهي هئا جو شڪار ڪرڻ انهن جي معمولات جو حِصّو هو، ڪجھ صحابي سڳورا ته شِڪار جو شوق به رکندا هئا، هاڻي ان حالت ۾ الله پاڪ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمۡ جو امتحان ورتو، شِڪار ڪيا ويندڙ جانور، چرند، پرند مثال طور هرڻ وغيره ڪثرت سان صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمۡ جي سوارين جي ويجھو اچي ويا، بلڪه خيمن جي اندر تائين گهڙي ويا، ان وقت ايتري ڪثرت سان جانور آيا جو صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمۡ فرمائن ٿا: ان جانورن جو هٿ سان شِڪار ڪرڻ بلڪه بنا هٿيار جي صِرف هٿ سان پڪڙڻ به بلڪل اختيار ۾ هو۔

   هاڻي ٿورو غور ڪيو! انسان کي جنهن ڪم جو شوق هجي يا جيڪو ڪم اُن جي معمولات جو حِصّو هجي، ان ڪم کان منع ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ ان ڪم جا کوڙ اسباب به مهيا ڪيا وڃن، ان حالت ۾ اُن ڪم کان رُڪجي وڃڻ ڪيتري قدر مشڪل هوندو آهي...!! اسان وٽ ماڻهو ڊاڪٽر جي منع ڪرڻ باوُجُود برگر، پيزا، سگريٽ، چانھ، ڪافِي وغيره نٿا ڇڏي سگھن پر صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمۡ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري تي، انهن جي ڪامِل ايمان تي قربان ٿجي! انهن جانورن جو شِڪار ڪرڻ ته پري جي ڳالھ آهي، صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمۡ انهن جانورن کي غور سان به نه ڏٺو ۽ قُدرت جي ان امتحان ۾ پُوري طرح ڪامياب ٿيا۔([1])

اهو آهي امتحان! اها آهي آزمائش...! شرعِي اَحڪامن جي ذريعي اسان جي به آزمائش آهي، * هڪ پاسي مٺي ننڊ آهي، ٻي پاسي فجر جي نماز آهي، آزمائش آهي ته ڪير ننڊ قربان ڪري ٿو ۽ ڪير فجر جي  نماز جي سَعَادت کان محروم رهي ٿو * هڪ طرف ڪاروبار آهي، ٻي طرف فرض نمازون آهن * هڪ طرف ڪم ڪار آهن، خواهشون آهن، ٻي پاسي رمضان جا روزا آهن * هڪ طرف دُنياوي عيش ۽ عِشرت آهي، ٻي طرف حج آهي * هڪ طرف


 

 



[1]... تفسیر نعیمی، پارہ: 7،سورۂ مائدہ، ھیٺ آیت:94، جلد:7، صفحہ:70 -71 خُلاصۃً۔