Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

لُوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو!                              سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو!

دُکھ کے دَرْماں ملیں، آئیں گے دِن بھلے             ختم ہوں گردشیں قافلے میں چلو!

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيۡ فَقَدْ اَحَبَّنِيۡ وَمَنْ اَحَبَّنِيۡ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنھن منھنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنھن مون سان محبت ڪئي اھو جنت ۾ مون سان گڏ ھوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

ويهڻ جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جيڪي ماڻهو دير تائين ڪنهن هنڌ ويٺا ۽ بنا ذِڪرُ الله ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود پڙھي اتان کان متفرق (يعني جُدا جُدا) ٿي ويا، انهن نقصان ڪيو، الله پاڪ چاهي عذاب ڏئي ۽ چاهي ته بخشي ڇڏي۔([2])

ويهڻ جون سنتون: * حضرت ابنِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا فرمائن ٿا: مون رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪعبه شريف جي صحن ۾ اِحتِبَاء جي صُورت ۾ تشريف فرما ٿيندي ڏٺو۔ (اِحتِباء جو مطلب هي آهي ته انسان سُرين تي ويٺو هجي ۽ پنهنجي ٻنهي پنين کي ٻنهي هٿن ذريعي پڪڙي، هن طرح ويهڻ عاجزي ۾ شُمار ٿئي ٿو)


 

 



[1]...مشکوۃ،کتاب:الایمان،باب:الاعتصام،جلد:1،صفحہ:55، حدیث175۔

[2]...مستدرک، جلد:2، صفحہ:168، حدیث:1869۔