Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

آهي ۽ الله پاڪ وڏو مهربان آهي، الله پاڪ ڪافي ڀيرا اسان کي مهلت ڏيندو آهي، ڏيندو رهندو آهي، آخر جڏهن اسان توبه ناهيون ڪندا ته آزمائش ايندي آهي، ان ڪري پريشاني اچي ته شڪوا ڪرڻ، روڄ راڙو ڪرڻ بدران اِنصاف سان ماضِي ۾ جھاتي پائي ڏسو! ڪٿي ايئن ته نه آهي جو گھڻو عرصو اڳ اسان کان ڪو گُنَاھ ٿي ويو هو، جنهن جي سزا هاڻي مِلي رهي آهي۔

30 سالن کان بعد بدنِگاهي جي سزا ملي

مُلڪ شام جو رهاڪو هڪ بزرگ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائي ٿو: هڪ ڀيري هڪ اَمرَد (يعني خُوبصُورت ڇوڪري) تي منهنجي نِگاھ پئي، مون ان کي ڏٺو ته ان کي ڏسندو ئي رهيس، ايتري ۾ حضرت اِبنِ جَلاء دمشقي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيو، ان منهنجو هٿ پڪڙيو ته مون کي سندن کان حياءُ آيو، ان منهنجي هٿ کي زور ڏيندي فرمايو: توهان کي ڪجھ عرصي کان پوءِ هن گُنَاھ جي سزا ملندي۔ اهو شامي بزرگ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائي ٿو: مون کي 30 سالن کان پوءِ ان گُنَاھ جي سزا ملي۔

میری مشکلیں گر تِرا امتحاں ہے               تَو ہر غم قسم سے خوشی کا سماں ہے

گُناہوں کی میرے اگر یہ سزا ہے             تو پھر مشکلوں کو مٹا میرے مولیٰ

 (2): سيپاري:21، سُورت رُوم جي آيت:41 جيڪا اسان ٻُڌي، ان ۾ آزمائش جي ٻي حڪمت اها بيان ٿي:

لَعَلَّهُمْ یَرْجِعُوْنَ(۴۱)

ترجمو ڪنزالعرفان:  ته جيئن اهي مڙي وڃن.

يعني اهي مصيبتون، پريشانيون غافِلن کي غفلت مان جاڳائڻ جي لاءِ اچن ٿيون، ان ڪري اچن ٿيو ته جيئن ماڻهو رجوع ڪن، تَوبه ڪن ۽ الله پاڪ جا نيڪ ۽ فرمانبردار ٻانها بڻجي وڃن۔ معلوم ٿيو تڪليف اچي، پريشاني اچي، مصيبت اچي ته تَوبَه ڪرڻ گھرجي، الله پاڪ ڏانهن رجُوع ڪرڻ گھرجي، گُنَاھ