Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

اها ڳالھ ٻُڌي ته چوڻ لڳو: پوءِ مون کي ان بلبل کي پالڻ ئي جي ڪهڙي ضرورت آهي، مان ته ان جي آواز جو عاشِق هئس، اهو چئي ان پڃرو کولي بلبل کي آزاد ڪري ڇڏيو۔([1])

چپ رِہ سیں تاں موتی مل سَن، صبر کرِیں تاں ہیرے                          پاگلاں وانگوں رولا پاویں نہ موتی نہ ہیرے

وضاحت: چُپ رَهندؤ ته موتي ملندا، صبر ڪندؤ ته هيرا ملندا ۽ جيڪڏهن چرين وانگر شَور ڪندا رهندؤ ته مصيبت کان ڇوٽڪارو ملي يا نه ملي، موتي ۽ هيرن (يعني ثوابِ آخرت کان ضرور) محروم ٿي ويندؤ۔

مصيبتن واري آزمائش جون حڪمتون

اي عاشقانِ رسول! اهي آزمائشون آهن جيڪي ڏُکن، تڪليفن ۽ پريشانين جي صُورت ۾ اچن ٿيون، اهي آزمائشون ڇو ٿيون اچن؟ ان جون حڪمتون ڪهڙيون آهن؟ هن باري ۾ هڪ ڳالھ هميشه ياد رکو! اها هي ته ماڻهو بدلجڻ سان ان آزمائش جون حڪمتون بدلجي وينديون آهن، مثال طور * انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي خِدمت ۾ جيڪي تڪليفون ۽ پريشانيون حاضِر ٿينديون هيون، انهن جون حڪمتون جُدا آهن *اولياءِ ڪرام جي خِدمت ۾ جيڪي تڪليفون ۽ پريشانيون آيون، انهن جون حڪمتون جُدا آهن *عام مسلمانن کي جن تڪليفن ۽ پريشانين جو منهن ڏيڻو پوندو آهي انهن جون حڪمتون جُدا آهن *گنهگارن کي جيڪي ڏک پهچن ٿا، انهن جون حڪمتون جُدا آهن۔

حديثِ پاڪ ۾ آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: سڀ کان سخت آزمائش انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي ٿيندي آهي، پوءِ ان کان بعد درجه بدرجه ٻين ماڻهن جي، انسان پنهنجي دِين جي مطابق آزمايو ويندو آهي،


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:2، سورۂ بقرہ، ھیٺ آیت:155، جلد:2، صفحہ:101۔