Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

پنهنجو مال پاڻ وٽ رک! توهان ٽنهي کي آزمايو ويو هو، الله پاڪ توسان راضِي ٿيو ۽ باقِي ٻنهي کان ناراض آهي۔([1])

نعمت واري آزمائش ۾ ڪاميابي جو طريقو

 حُجَّةُ الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ ٻانهي کي سندس مَن پسند شيون عطا فرمائيندو ۽ انهن شين جي گھڻائي ڪندو آهي، انهن تمام شين جي ذريعي الله پاڪ ٻانهي جو امتحان وٺندو آهي ته هو ڪيئن الله پاڪ جي اَحڪامن جي حِفَاظت ڪري ٿو؟ الله پاڪ جن ڪمن کان منع ڪيو  آهي، انهن کان ڪيئن بچي ٿو؟ نعمتون ملڻ جي صُورت ۾ الله پاڪ جي اِطَاعت ۽ فرمانبرداري ڪيئن ڪري ٿو؟ گُنَاهن کان ڪيئن بچي ٿو؟([2])

معلوم ٿيو جڏهن انسان کي نعمتن جي ذريعي آزمايو وڃي، ان جو امتحان ورتو وڃي ته ان امتحان ۾ ڪاميابي جي صُورت اها آهي ته انسان نعمتن جي ڪثرت تي فخر ۽ تڪبر جو شِڪار نه ٿئي، خُودپسندي جو شِڪار نه ٿئي، باغي نه بڻجي وڃي بلڪه الله پاڪ جو شُڪر ادا ڪري، الله پاڪ جي اَحڪام تي عَمَل ڪندو رهي، جن ڪمن کان الله پاڪ منع ڪيو آهي، اُنهن کان بچندو رهي، گُنَاهن کان پري رهي نيڪين ۾ زِندگي گذاري۔

الله پاڪ اسان سڀني کي شڪر گذاري سان، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي تمام گھڻي فرمانبرداري ڪندي، نيڪين ڀري، بهترين زِندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...بخاری، کتاب: احادیثُ الانبیا، باب: حدیث ابرص ...الخ، صفحہ:888، حدیث:3464۔

[2]...احیاء العلوم مترجم، جلد:3، صفحہ:242۔