Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

فيشن پرستي آهي، ٻي طرف سُنَّتِ مصطفيٰ آهي، هاڻي آزمائش آهي، ڏٺو ويندو آهي ته ڪير الله پاڪ جي اَحڪامن اڳيان ڪنڌ جھڪائي ٿو، ڪير سُنَّتِ مصطفيٰ اپنائي ٿو ۽ ڪير آهي جيڪو عارضي دُنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي پنهنجي آخرت داؤ تي لڳائي ٿو۔

 صُوفي سڳورا فرمائن ٿا: اسان جي عضوئن تي، اسان جي اک تي، اسان جي زبان تي، اسان جي هٿن تي، اسان جي سڄي وُجُود تي، اسان جي مال ۽ دولت تي، مطلب اسان جي هر شيء تي شريعت جو ڪنٽرول آهي، جيڪو شريعت جي حَدن کي ٽوڙيندو آهي، قيامت جي ڏينهن ان کي دَردناڪ عذاب سهڻو پوندو۔([1]) سرڪارِ بغداد، حُضُور غوثِ پاڪ شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:’’اِمْشِ تَحْتَ ظِلِّ کِتَابِ اللہِ وَ سُنَّۃِ رَسُولِہٖ قَدْ اَفْلَحْتَ ‘‘الله پاڪ جي ڪتاب  (قرآنِ مجيد) ۽ سُنَّتِ مصطفيٰ جي ڇانو ۾ زندگي گذاريو...! ڪامياب ٿي ويندؤ۔([2])

شرعِي اَحڪامَ واري  آزمائش ۾ ڪاميابي جو طريقو

 اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو شرعِي اَحڪام ۾ به اسان جو امتحان آهي ۽ هن امتحان ۾ ڪاميابي جي صِرف هڪ ئي صُورت آهي، اها هي ته انسان پابندي سان شرعِي اَحڪامن تي عَمَل ڪري۔

هميشه ياد رکو! دُنيا ۾ شَرعِي اَحڪام جي ذريعي جيڪا اسان جي آزمائش ڪئي پئي وڃي، اها آزمائش زِندگي جي آخري پساهن تائين جاري رهندي۔ جيڪو شخص بالغ آهي ۽ ان جو عقل سلامت آهي، اهو ڪنهن وقت به شريعت جي پهريداري کان آزاد نٿو ٿي سگھي، جيڪڏهن ڪو عُذر آهي، ڪا مجبوري آهي ته شريعت ان کي رعايت ڏيندي آهي * جيڪو بيهي نماز پڙھڻ جي طاقت


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:7، سورۂ مائدہ، ھیٺ آیت:94، جلد:7، صفحہ:77۔

[2]...فتح الرَّبَّانی، صفحہ:29۔