Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

هڪ عبادت گذار جي آزمائش

 حضرت وهب بن مُنَبَّه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي: ٻه عبادت گذار 50سالن تائين الله پاڪ جي عبادت ڪندا رهيا، پنجاھ سال جي آخر ۾ هڪ عبادت گذار کي هڪ خطرناڪ جسماني بيماري لڳي وئي، ان عبادت گذار روئيندي بارگاھ اِلٰهي ۾ التجاء ڪئي: اي منهنجا پاڪ پروردگار! مون ايترا سال لاڳيتو تنهنجو حڪم مڃيو، تنهنجي عبادت ڪندو رهيس، پوءِ به مون کي ايڏي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ڪيو ويو، ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟

الله پاڪ ملائڪن کي حڪم فرمايو: ان کي چئو! تو جيڪا عبادت ۽ رياضت ڪئي آهي، اها اسان ئي جي عطا ڪيل توفيق سان آهي، اها اسان جي احسان جو نتيجو آهي، باقِي رهي بيماري ته ان ۾ توکي ان ڪري مبتلا ڪيو ويو آهي ته جيئن تو کي نيڪ ماڻهن جو رُتبو ڏنو وڃي۔([1])

میری مشکلیں گر تِرا امتحاں ہے               تَو ہر غم قسم سے خوشی کا سماں ہے

گُناہوں کی میرے اگر یہ سزا ہے             تو پھر مشکلوں کو مٹا میرے مولیٰ

ڪيئي آزمائشون گناهن جي ڪري اينديون آهن

سيپاري 21، سورت رُوم، آيت: 41 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

ظَهَرَ الْفَسَادُ فِی الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ اَیْدِی النَّاسِ لِیُذِیْقَهُمْ بَعْضَ الَّذِیْ عَمِلُوْا لَعَلَّهُمْ یَرْجِعُوْنَ(۴۱)

ترجمو ڪنزالعرفان: خشڪيءَ ۽ تريءَ ۾ فساد ظاهر ٿي ويو انهن برائين جي سبب جيڪي ماڻهن جي هٿن ڪمايون ته جيئن الله انهن کي انهن جي ڪجھ ڪمن جو مزو چکائي ته جيئن اهي مڙي وڃن.


 

 



[1]...عیون الحکایات، صفحہ:196۔