Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

وجھي معاذ الله! باھ تي رکيو ويندو آهي۔ اهو سڀ حيوانيت ۽ وحشياڻي حالت صِرف ۽ صِرف شرعِي اَحڪامن تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري آهي۔ جيڪڏهن انسان پنهنجي ذات تي پُوري طرح شرعِي احڪام کي نافِذ ڪري وٺي ته اها درندگي، اهو جانورن وارو ورتاءُ سڀ ختم ٿي ويندو ۽ انسان ملائڪ صِفَت بڻجي ويندو۔

الله پاڪ اسان سڀني کي حقيقي معني ۾ شرعِي اَحڪام تي عَمَل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔

ہر کام شریعت کے مطابق میں کروں کاش!             یارَبّ! تُو مبلغ مجھے سُنَّت کا بنا دے([1])

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

(2):نعمتن جي ذريعي آزمائش جو بيان

اي عاشقانِ رسول! هن دُنيا ۾ اسان جن آزمائشن مان گذرون ٿا، انهن جي ٻي قسم آهي:مختلف نعمتون۔ عام طور تي مصيبت کي، پريشاني کي، تنگدستي ۽ غربت کي، بيماري کي، عزيز رشتيدارن جي موت وغيره کي ئي آزمائش سمجھيو ويندو آهي پر قرآنِ ڪريم ۾ غور ڪرڻ سان خبر پئي ٿي ته آزمائش صِرف مصيبت ۽ پريشاني ۾ نه آهي، نعمت ملڻ به هڪ آزمائش آهي۔ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ نَبْلُوْكُمْ بِالشَّرِّ وَ الْخَیْرِ فِتْنَةًؕ- (پاره:17، سورۂ انبيا:35)     

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اسان توهان کي آزمائيندا آهيون برائيءَ ۽ ڀلائي سان جانچڻ جي لاءِ.

معلوم ٿيو انسان کي صِرف بُرائي (مثال طور ڏُک، دَرد، غم ۽ پريشاني) ئي سان ناهي آزمايو ويندو بلڪ ڀلائي (مثال طور: راحت، تندرستي، نعمت، دولت) ڏئي


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:115۔