Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

رزلٽ نڪرڻ جو مقام آهي ۽ رزلٽ کي صِرف منهن ڏيڻو پوندو آهي، رزلٽ سٺو هجي يا بُرو  هجي، ان کي قبول ئي ڪرڻو پوندو آهي۔ لهٰذا؛

پیشتر مرنے سے کرنا چاہئے                            موت کا سامان آخِر موت ہے

ڊاڪٽر اقبال چوي ٿو:

یہ گھڑی محشر کی ہے، تُو عرصۂ محشر میں ہے              پیش کر غافِل عمل کوئی اگر دفتر میں ہے

مطلب؛ اسان جيستائين دُنيا ۾ آهيون، اسان جو اِمتحان ٿي رهيو آهي، ڄڻ اسان امتحان واري ڪمري ۾ آهيون، اسان کي هاڻي ڏسڻو آهي،  هاڻي سوچڻو، سمجھڻو ۽ عَمَل ڪرڻو آهي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي دُنيا ۽ آخرت جي تمام  امتحانن ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔

نہ نامے میں عبادت ہے، نہ پلے کچھ ریاضت ہے                                 اِلٰہی! مغفرت فرما ہماری  اپنی رحمت سے

اِلٰہی! واسطہ دیتا ہوں میں میٹھے مدینے کا                بچا دُنیا کی آفت سے، بچا عقبیٰ کی آفت سے)[1](

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

 ”الله پاڪ آزمائش فرمائي ٿو“ ان جو مطلب...!!

هتي هڪ ڳالھ کي چڱي طرح ذِهن ۾ ويهارڻ گھرجي اها هي ته الله پاڪ سڀ ڪجھ ڄاڻي ٿو، الله پاڪ کي آزمائڻ جي، جانچڻ جي، پرکڻ جي ڪا حاجت ناهي، البت هن دُنيا ۾ امتحان ورتا ويندا آهن، آزمائش ڪئي ويندي آهي ۽ انهن امتحانن جي ذريعي اسان جي ڪردار جو، اسان جي قابليت جو اِظهار


 

 



[1] وسائِلِ بخشش، صفحہ:403۔