Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

كُلُّ نَفْسٍ ذَآىٕقَةُ الْمَوْتِؕ-وَ نَبْلُوْكُمْ بِالشَّرِّ وَ الْخَیْرِ فِتْنَةًؕ-وَ اِلَیْنَا تُرْجَعُوْنَ(۳۵)           

ترجمو ڪنزالايمان: هر ساھ کي موت جو مزو چکڻو آهي ۽ اسان توهان کي آزمائيندا آهيون برائيءَ ۽ ڀلائي سان جانچڻ جي لاءِ. ۽ اسان ڏانهن ئي توهان کي موٽي اچڻو آھي.

پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيت سڳوري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن دُنيا ۾ اسان جي  ڪُل زِندگي امتحان ۽ آزمائش آهي۔ اسان کي هن دُنيا ۾ مسلسل آزمايو ويندو، انهيء امتحانن مان گذرندي گذرندي نيٺ اسان کي موت اچي ويندو ۽ اسان الله پاڪ ڏانهن موٽي وينداسين۔

یہ آتی جاتی ہوئی سانسیں زِندگی کے لئے                  اِک امتحان مسلسل ہے آدمی کے لئے

آزمائش ڇا کي چئبو آهي...؟

هن آيت ۾ لفظ{ استعمال ٿيو: هن لفظ جي معني بيان ڪندي مشهور مفسر قرآن، حڪيم الامّت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: آزمائڻ، جانچڻ، پرکڻ ۽ امتحان وٺڻ کي اِبتِلا چئبو آهي، لهٰذا ان جي معنيٰ اها آهي ته اسان توهان جو اِمتحان وٺنداسين يا توهان مان کرو کوٽو ظاهر ڪنداسين۔([1]) هتان اهو به ظاهر ٿي ويو ته اَصل ۾ امتحان جو مقام دُنيا آهي، اهي جيڪي ماڻهو چوندا وتندا آهن ته ”مولانا! ڇو قبر ۽  آخرت کان ڊيڄاريو ٿا؟ جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو“ اهڙن نادانن کي سمجھڻ گھرجي ته ڏسڻ، سوچڻ، سمجھڻ ۽ عَمَل ڪرڻ جو مقام دُنيا آهي، هتي ئي ڏٺو ويندو، قبر ۽ آخرت


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:2، سورۂ بقرہ، ھیٺ آیت:156، جلد:2، صفحہ:95۔