Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

سجدو ڪيو، ايستائين جو مون کي خوف ٿيڻ لڳو ته ڪٿي سجدي ئي جي حالت ۾ الله پاڪ رُوح مُبَارَڪ قبض نه ڪري ورتو هجي، اهو خيال ايندي ئي مان اڳتي وڌيس، منهنجي قدمن جو آواز ٻُڌي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم مٿو مُبَارَڪ کڻي پڇيو: ڪير آهي؟ مون عرض ڪيو: حُضُور! عَبدُالرَّحمٰن۔ فرمايائون: ڪهڙو ڪم آهي؟ مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان ايترو ڊگھو سجدو ڪيو، مون کي خوف ٿيڻ لڳو ته ڪٿي الله پاڪ سجدي ئي ۾ رُوح مُبَارَڪ قبض نه ڪري ورتو هجي۔

  سچي عاشق جي محبت ڀري ڳالھ ٻڌي الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڊگھي سجدي جي حڪمت بيان ڪندي فرمايو: مون وٽ جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضِر ٿي ٻڌايو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ فرمائي ٿو: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪو اوهان تي درود پڙھندو، مان ان تي رحمتون نازِل ڪندس، جيڪو اوهان تي سلام موڪليندو، مان ان تي سلامتي موڪليندس۔ ان نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ مون ايترو ڊگھو سجدو ڪيو۔([1])

اللّٰهُ اَڪْبَر! اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! * دُرود ڪنهن کي پڙهڻو آهي؟ اُمَّتي کي * رحمت ڪنهن تي لهندي؟ اُمَّتي تي * سلام ڪير موڪليندو آهي؟ اُمَّتي * الله ڪريم جي سلامتي ڪنهن تي لهندي؟ اُمَّتي تي * ۽ سجدهءِ شڪر ڪير ادا ڪري رهيو آهي؟ اُمَّت جو غم رکندڙ، شفاعت فرمائيندڙ، اُمَّت کي بخشرائيندڙ، جَنَّت ۾ پهچائيندڙ آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم...! سُبْحٰنَ اللّٰه! اندازو ڪيو! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي اُمَّت سان ڪيترو پيار آهي۔ الله! الله! اُمَّت گُنَاھ ڪري، آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم راتيون روئي گُذارين، اُمَّت کي نعمت ملي، آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شڪر جا سجدا  


 

 



[1]...مسندِ اَحْمَد، جلد:1، صفحہ:191، حدیث:1664۔