Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

به آزمايو ويندو آهي۔

حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جو حڪمت ڀريو فرمان

الله پاڪ جي نبي، حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جو واقعو وڏو مشهور آهي، جڏهن ملڪه بلقيس حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي خِدمت ۾ حاضِري لاءِ يَمَن کان روانو ٿيون، حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي درٻار عالي کان ڪجھ فاصلي تي هيون، حضرت سليمان عَلَيۡهِ  السَّلَام پنهنجي درٻارين کي فرمايو:

اَیُّكُمْ یَاْتِیْنِیْ بِعَرْشِهَا قَبْلَ اَنْ یَّاْتُوْنِیْ مُسْلِمِیْنَ(۳۸) (پاره:19، سورۂ نمل:38)

ترجمو ڪنزالايمان: اي درٻارِيو! توهان مان ڪير آهي جيڪو ان جو تخت مون وٽ کڻي اچي، ان کان اڳ ۾ جو اھي مون وٽ فرمانبردار ٿي ڪري حاضر ٿين.

هڪ وڏي طاقتور جِنّ چيو: حضور! مان اهو تخت حاضر ڪندس ۽ اوهان جي درٻار جو وقت ختم ٿيڻ کان پهريان پهريان کڻي ايندس۔ فرمايائون: مان اُن کان به جلدي چاهيان ٿو. هاڻي حضرت آصف بن برخيا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عرض ڪيو:

اَنَا اٰتِیْكَ بِهٖ قَبْلَ اَنْ یَّرْتَدَّ اِلَیْكَ طَرْفُكَؕ- (پاره:19، سورۂ نمل، آيت:40)

ترجمو ڪنزالعرفان: مان ان کي اوهان جي بارگاھ ۾ اوهان جي اک ڇنڀڻ کان اڳ ۾ کڻي ايندس.

واقعي اک ڇنڀڻ ئي جي دير لڳي ۽ حضرت آصف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيئي ميل پري، ست ڪمرن اندر رکيل تخت حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي بارگاھ ۾ حاضِر ڪري ڇڏيو، ان وقت حضرت سليمان عَلَيۡهِ  السَّلَام فرمايو:

هٰذَا مِنْ فَضْلِ رَبِّیْ ﱎ  (پاره:19، سورۂ نمل، آيت:40)  

ترجمو ڪنزالايمان: اهو منهنجي رب جي فضل سان آهي.