Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّیْن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

  پيارا اسلامي ڀائرو! علمِ دين سکڻ، نيڪين جو جذبو وڌائڻ، گُنَاهن کان بچڻ، سٺو ۽ باڪردار مسلمان بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقي جي 12 دِيني ڪمن ۾ به خُوب وڌي وڌي حِصّو وٺو۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دِين ۽ دُنيا جون بيشمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔

ذيلي حلقي جي 12 دِيني ڪمن مان هڪ دِيني ڪم آهي: مدني قافلو۔ الحمد لله! عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سَفَر جي برڪت سان مصيبتون دور ٿيڻ، پريشانيون ختم ٿيڻ، گناهن جون عادتون ختم ٿيڻ جون مدني بهارون ٻڌڻ لاءِ ملنديون رهن ٿيون۔

19 سال پُراڻو مرض

ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: مان تقريبًا 19 سال کان ساھ جي مرض ۾ مبتلا هئس، ان ڪري مان تمام گھڻو پريشان هئس، دوائن سان وقتي طَور تي آرام ته اچي ويندو هو پر مستقل سڪون نه ملندو هو۔ منهنجي خوش قسمتي جو ان دوران عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلي ۾ شرڪت جي سعادت ملي۔ مدني قافلي جي برڪت سان منهنجا ڏينهن رات عبادتِ اِلٰهي ۾ گذريا ۽ عِلم دين سکڻ جو موقعو مليو ۽ ان سان گڏوگڏ الحمد لله! انهن 3 ڏينهن ۾ مون کي نه ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ضرورت پيش آئي، نه انجڪشن لڳرائي۔ الله پاڪ جي ڪرم سان 3 ڏينهن جي مدني قافلي جي برڪت سان منهنجي 19 سال پُراڻي مرض ۾ ڪافي بهتري آئي۔ (مفلوج کی شفایابی کا راز، صفحہ:12)