Book Name:Azmaish Ki Hikmatain

(3): مصيبتن جي ذريعي آزمائش جو  بيان

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن دُنيا ۾ اسان کي جن امتحانن ۽ آزمائشن مان گذرڻو پوندو آهي، ان جي ٽئين صُورت آهي: ڏُک، تڪليفون، غم ۽ پريشانيون۔ هيءَ اها صُورت آهي، جنهن کي عام طور تي آزمائش چيو ويندو آهي ۽ سمجھيو به ويندو آهي۔ ان آزمائش ۽ امتحان جي مختلف صُورتن جو بيان ڪندي سيپاري: 2، سورت بقره، آيت: 155 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَنَبْلُوَنَّكُمْ بِشَیْءٍ مِّنَ الْخَوْفِ وَ الْجُوْ عِ وَ نَقْصٍ مِّنَ الْاَمْوَالِ وَ الْاَنْفُسِ وَ الثَّمَرٰتِؕ-وَ بَشِّرِ الصّٰبِرِیْنَۙ(۱۵۵)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ ضرور اسان توهان کي آزمائينداسين ڪجھ ڊپ ۽ بک سان ۽  ڪجھ مالن ۽ جانين ۽ ميون جي گھٽتائي سان ۽ خوشخبري ٻُڌاءِ صبر ڪرڻ وارن کي.

هن آيت جي حوالي سان تفسير نعيمي ۾ آهي: اي مسلمانؤ! توهان بهترين اُمَّت آهيو ۽ وڏن جو امتحان به وڏو ئي ٿيندو آهي، ان ڪري کوڙ مضمونن ۾ توهان جو امتحان ٿيندو، ڪڏهن دُشمن جي خوف سان، ڪڏهن ڏڪار ذريعي، ڪڏهن فقر ۽ فاقي جي ذريعي، ڪڏهن مال ۾ گھٽتائي جي ذريعي، ڪڏهن اولاد، ماءُ پيء، عزيز رشتيدارن ۽ دوستن جي وفات جي ذريعي، ڪڏهن توهان جي باغات، ٻنين ۽ ميون وغيره ۾ گهٽتائي جي ذريعي، مطلب؛ توهان جي امتحان جا ايترا پرچا آهن، هر پرچي ۾ پُورا نمبر حاصِل ڪيو! ([1])

مصيبتن واري آزمائش ۾ ڪاميابي جو طريقو

پوءِ هن امتحان ۾ ڪاميابي جو ڪهڙو طريقو آهي، هن جو بيان به ان آيت ۾ ٿيو آهي


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:2، سورۂ بقرہ، ھیٺ آیت:155، جلد:2، صفحہ:96 خلاصۃً۔