Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

مهاجرين ويهندا هئا۔  انهن کي اصحابِ صُفّه چوندا آهن۔ انهن وٽ نه گهر هو نه دُنياوي ساز و سامان ۽ نه ئي ڪو ڪاروبار۔ غُربت جو عالم اِهو  هو جو اِنهن مان 70 وٽ ته اَوگَهڙ ڍڪڻ جي لاءِ پورو ڪپڙو به نه هو۔ انهن جي تعداد ۾   گهٽ وڌائِي ٿيندي رهندي هئي۔ مديني شريف ۾ اچڻ واري جو ڪو ڄاڻ سُڃاڻ وارو نه هوندو هو ته اهو به صُفّه وارن ۾ شامل ٿي ويندو هو۔ (تفسير نعيمي،۳/۱۳۲مفهوما)

اصحابِ صُفّه جا فاقه

صحابَهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي هيءَ اها مقدس جماعت آهي جيڪي پنهنجا گھر ٻار، اهل و عيال ۽ فڪرِ روزگار کان بي نياز ٿي صرف ۽ صرف دِين سکڻ جي لاءِ مسجدِ نبوي ۾ ئي رهندا هئا۔ اهي بک به برداشت ڪندا هئا، اڃ به سهندا هئا، اهي تڪليفن کي به منهن ڏيندا هئا ۽ فاقن ۾ به مبتلا ٿيندا هئا پر دين سکڻ انهن نه ڇڏيو۔ ڪيتِرن ئي روايتن ۾ اچي ٿو ته اهي عظيم انسان ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين فاقه ڪشي ۾ گذاريندا هئا (يعني بغير کائڻ پيئڻ جي گذاريندا هئا)۔

اچو اَصحاب صُفّه جي قربانين ۽ انهن جي فاقن جي باري ۾ ڪجھ ٻڌون ٿا:

(1)  حضرتِ سيدُنا فَضالَه بن عُبَيد رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا، حبيبِ ڪِبۡريا، اِمامُ الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ماڻهن کي نماز پڙهائيندا هئا ته ڪي صحابه عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان نماز ۾ ئي قيام جي حالت ۾ بُک جي سختيءَ جي سبب ڪِري پوندا هئا ۽ اهي اصحابِ صُفه هوندا هئا۔ ايستائين جو اعرابي چوندا هئا ته اهي ديوانا آهن۔ جڏهن سرڪارِ مدينہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز مان فارغ ٿيندا هئا ته انهن ڏانهن متوجھ ٿي فرمائيندا هئا، (اي اصحابِ صُفه) جيڪڏهن توهان کي معلوم ٿي وڃي ته توهان جي لاءِ الله تعاليٰ وٽ ڇا (اجر ۽ ثواب) آهي ته توهان انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪريو ته توهان جي بُک ۽ حاجت منديءَ ۾ اڃان وڌارو ٿئي۔ (فيضانِ سنّت، ص۷۰۲،ترمذي،ڪتاب الزهدباب ماجاء في معيشة …الخ، ۴/۱۶۲،حديث:۲۳۷۵)

(2) حضرت سَيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪي اصحابِ صفه مان هئا اهي فرمائن ٿا: