Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

مالِ غنيمت ايندو هو ته پاڻ ان مان اصحابِ صُفّه تي خرچ ڪندا هئا۔ حديثن ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻين اصحابن کي ترغيب ڏياريندا هئا ته اهي اصحابِ صُفّه کي کاڌو کارائن ۽ انهن تي خرچ ڪن۔ انهن مان ڪن جي خرچ جا ڪفيل خود آقا ڪريم عَلَيه السَّلَام هئا۔ (مرآة المناجيح، ۷/۳۵)

اصحابِ صُفّه جو علمِ دين سکڻ

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اصحابِ صُفَّه کي پاڻ سان گڏ کاڌي ۾ شريڪ فرمائڻ جي ڪوشش فرمائيندا ها. هن حُسن سلوڪ جو بنيادي سبب اهو هو ته  اصحابِ صُفّه علمِ دين سکندا هئا، هُو مسجدِ نبوي ۾ رهي ڪري بارگاھ رسالت  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مان فيض حاصل ڪندا هئا، ڪيئي روايتن ۾ انهن جي علمِ دين سکڻ سيکارڻ جو تذڪرو ملي ٿو.

آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اصحابِ صُفّه علمِ دين سکندا هئا ان ڪري پيارا آقا، مٺا مٺا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خود به انهن تي خرچ ڪندا هئا ۽ ٻين کي ترغيب به ارشاد فرمائيندا هئا۔ ۽ ائين ناهي ته آقا ڪريم عَلَيه السَّلَامصرف اصحابِ صُفّه تي ئي خرچ ڪندا هئا۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مال ته دين جي لاءِ وقف هو۔ جيترو به مال سندن خدمت ۾ ايندو هو، پاڻ راھ خدا ۾ خرچ ڪندا هئا۔

 حضرت سَيدُنا ابُوذَر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان نبِي اَڪرَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سان گڏ هيس. جڏهن پاڻ سڳورن احد جبل کي ڏٺو ته فرمايو؛ ”جيڪڏهن اِهو جبل منهنجي لاءِ سون بڻجي وڃي ته مان پسند نه ڪندس ته ان مان هڪ دينار به مون وٽ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ رهجي وڃي، سواءِ ان دينار جي جنهن کي مان قرض جي ادائيگي جي لاءِ رکي ڇڏيان“. (بخاري ،ڪتاب في الاستقراض… الخ،باب اداء الديون، ۲/ ۱۰۵، حديث:۲۳۸۸)