Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرا پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيندي وقت اهو به ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن، ([1])

(2) سمورا گُناھ مُعاف

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيِّدِ نَا وَمَولَانَا مُحَمَّدٍ وَّعَلٰي اٰلِہٖ وَسَلِّم

حضرتِ سيدُنا انس رَضِياللّٰہُ عَنہُ کان روايت آهي ته تاجدارِمدينہصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو :جيڪو شَخص اهو دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو ته ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([2])

(3) رَحمت جا ستّر دروازا

صَلَّي اللّٰہُ عَلٰي مُحَمَّد

جيڪو اهو دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([3])


 

 



[1]افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون،ص151ملخصًا

[2]افضل الصلوات علی سید السادات،الصلاۃ الحادیۃ عشرۃ، ص 65

[3]القول البدیع،الباب الثانی، ص277،