Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ۱/ ۵۵حدیث: ۱۷۵)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ  بنے آقا                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

هلڻ جون سُنتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو ته شَيخِ طَرِيقَت،اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”163 مَدَني گل“ مان هلڻ جون سُنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: *  سيپاري 15 سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر 37 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمايو آهي:

وَ لَا تَمْشِ فِی الْاَرْضِ مَرَحًاۚ-اِنَّكَ لَنْ تَخْرِقَ الْاَرْضَ وَ لَنْ تَبْلُغَ الْجِبَالَ طُوْلًا(۳۷)

ترجموڪنزالايمان: ۽ زمين ۾ آڪڙ ڪري نه هل بيشڪ تون زمين کي هرگز چيري نه سگهندين ۽ هرگز پهاڙن جي اوچائي کي نه پهچندين .

* الله پاڪ جي رحمت بڻجي دنيا ۾ تشريف فرما ٿيڻ واري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هڪ شخص ٻه چادرون پائي تڪَبُّر سان هلي رهيو هو ۽ گهمنڊ ۾ هو، اهو زمين ۾ دٻايو ويو ۽ اهو قيامت تائين زمين ۾ دٻجندو ويندو۔ (صحيح مسلم ص 1156حديث 2088) * رسولِ اڪرم،نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هلندا هئا ته ڪجهه اڳيان طرف جهڪي هلندا هئا ڄڻ ته پاڻ مٿانهين کان هيٺ پيا لهن۔ (الشمائل المحمديه للترمذي ص 87 رقم 118) * جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هجي ته رستي جي ڪناري ڪناري وچٿري چال هلو، نه ايترو تيز جو ماڻهن جون نگاهون اوهان ڏانهن ٿين ته تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي! نه ايترو آهستي جو ڏسڻ واري کي اوهان بيمار لڳو۔ * رستي تي هلندي بلاضرورت هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ سنّت ناهي، هيٺِ نِگاهه ڪري باوقار طريقي سان هلو۔ * رستي تي ٻه عورتون بيٺيون هجن يا وڃي رهيون هجن ته انهن جي وچ مان نه گذرو جو حديث پاڪ