Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

هزار 552) آهي. هن وقت تائين تقريباً 386354(3لک86 هزار 354) قرآن جو حفظ  ۽ ناظران پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي.  دعوتِ اسلامي جي هن اهم ترين صرف ٻن شعبن جو سالانو خرچ اربين روپين ۾ آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول پنهنجو حصو شامل ڪندا آهن، الله ڪري اسان به انهن جي فهرست ۾ شامل ٿي وڃون، هرهڪ پنهنجي مالي حيثيت جي مطابق غور ڪري وٺي ته اهو پنهنجي طرفان ڪيترو حصو شامل ڪري سگھي ٿو۔

جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه سان تعاون جي اهميت

هاڻي اسان ٻڌو ته اسان جا اسلاف دينِ اسلام جي لاءِ خرچ ڪرڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪندا ها، ۽ پوءِ خاص طور تي دعوتِ اسلامي جي جامعة المدينه يعني اهڙي اداري سان تعاون ڪرڻ جتي اُمّت جا رهنما يعني عالم سڳورا تيار ٿيندا هجن، اهو ڄڻ ائين آهي جيئن دين کي مضبوط ڪرڻ۔

دعوتِ اسلامي جي جامعة المدينه ۾ جتي فيضانِ علمِ دين عام ٿي رهيو آهي، اتي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! پڙهڻ وارن جي ذريعي بي نمازين تائين نماز جي دعوت پهچي رهي آهي، قرآنِ پاڪ جي تعليم سان ناواقف ماڻهن ۾ محبتِ قرآن عام ڪئي پئي وڃي، قرآن سکڻ سيکارڻ جو جذبو ڏنو پيو وڃي، اهي اُمّت جا رهنما ڪڏهن امامت جي مُصلّي جي ذريعي ته ڪڏهن منبر جي ذريعي، ڪڏهن تدريس جي منصب تي فائز رهي ته ڪڏهن تصنيف جي ميدان ۾ پنهنجي قلم جي ذريعي نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اهڙي اِداري سان تعاون ڪرڻ ڄڻ پنهنجي معاشري ۾ ديني نظام جي ترقي ۽ مضبوطيءَ جو ضامن آهي۔ پنهنجي صدقات، خيرات، زڪوٰة ۽ عُشر وغيره جي ذريعي دعوتِ اسلامي جي جامعات المدينه سان ڀرپور تعاون ڪريو۔

ديني۽  اخلاقي تربيت

اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوتِ اسلامي جي جامعات المدينه۽ مدارالمدينه ۾ پڙهڻ وارن ۽ وارين جي ديني ۽ اخلاقي تربيت تي ڀرپور توجھ ڏني ويندي آهي۔ ان جي لاءِ