Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

موڪليو اهو سڀ الله پاڪ اوهان جي لاءِ نفعو عطا فرمايو آهي، لهٰذا ان جي نعمتن جو شڪر ادا ڪريو، منهنجي واپاري زندگي ۾ جيتري قدر منافعو آهي، هن ۾ اوهان جو حصو آهي، مون کي ته صرف الله پاڪ اوهان جي خدمت جو سبب بڻايو آهي، ان جو رزق منهنجي هٿان اوهان وٽ پهچي رهيو آهي۔ (مناقب امام اعظم ،جز اول ،ص۲۶۲ ملخصا)

          هڪ ٻي روايت ۾ اچي ٿو ته امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جڏهن به پنهنجي لاءِ يا پنهنجي گھر وارن جي لاءِ ڪپڙو يا ڪا کاڌي جي شيء خريد ڪندا هئا ته اوتري ئي اها شيءِ عالمن ۽ مشائخن جي لاءِ به خريد ڪندا هئا۔ (مناقب امام اعظم ،جز اول ،ص۲۶۱ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جا جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ (Overseas) ۾ اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جا سوين جامعات المدينه هزارين طالبن ۽ طالبات کي علمِ دين جي نور سان منور ڪري رهيا آهن. هن وقت اَلْحَمْدُلِلّٰه ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ 1122 جامعاتُ المدينه قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ پڙھڻ وارن ۽ پڙهڻ وارين جو تعداد تقريباً 88502 (88 هزار پنج سو ٻه آهي۔)

   2000ء کان 2021 ء تائين ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ تقريباً 6809 (ڇھ هزار اَٺ سو نَو) مدني عالم سڳورا درسِ نظامي  مڪمل ڪري چڪا آهن. جڏهن ته تقريباً 9308 (9 هزار 308) اسلامي ڀينرون درس نظامي ۽ فيضانِ شريعت ڪورس مڪمل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري چڪيون آهن،

الحمدلله! هن وقت 5006(5هزار ڇھ) مدارس المدينه (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا) قائم ٿي چڪا آهن. جن ۾ پڙهڻ وارن ۽ وارين جو تعداد تقرياً 23552(2 لک 30