Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

آهن۔ مديني شريف ۾ مهاجرن جي ضرورت تي پاڻ کوھ خريد ڪري دين جي لاءِ وقف فرمايائون۔ اهڙي طرح غزوه تبوڪ جي موقعي تي پاڻ 950 اُٺ، 50 گھوڙا ۽ 1000 اَشرَفيون پيش ڪيون، پوءِ بعد ۾ 10 هزار اَشرَفيون ٻيون پيش ڪيون۔ (مرآة المناجيح،۸/۳۹۵) جڏهن به ضرورت ٿيندي هئي پاڻ دينِ اسلام جي لاءِ خرچ ڪرڻ کان بلڪل نه ڪيٻائيندا هئا۔

          ساڳي طرح ٻين صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جا به ڪيئي واقعا آهن جو اهي دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهندا هئا۔

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان اسان کي به درس ملي ٿو ته دين جي لاءِ پنهنجو مال ڏيڻ، خرچ ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهڻ گھرجي۔ جيڪڏهن اسان بزرگن جا واقعا پڙهنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته انهن جي به ڪوشش هوندي هئي ته دين جي لاءِ اهڙي هنڌ خرچ ڪيو وڃي جنهن جا فائدا وقتي نه هجن بلڪ اچڻ وارن کي به ان مان فائدو ٿئي۔ هن سلسلي ۾ ڪروڙين حنفين جي امام، حضرت سيدنا امامِ اعظم ابوحنيفهرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو پنهنجي شاگرد حضرت امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ڪفالت جو واقعو اسان جي لاءِ روشن مثال آهي۔ اچو! هن باري ۾ ٻڌون ٿا:

امامِ اعظم علم به عطا ڪيو ۽ مال به !

          حضرت امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پاڻ فرمائن ٿا ته مون حديث ۽ فقه جي طالبِ علم جي حيثيت سان ڪوفي ۾ وقت گذاريو۔ شروع ۾ گھڻو تنگ دست ۽ غريب گھراڻي سان تعلق رکندو هئس، منهنجو والد مون کي هڪ ڏينهن حضرت امام ابوحنيفه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه وٽ وٺي ويو، مان اتي پڙهڻ لڳس، منهنجي والد گھر اچي مون کي چيو: پٽ! حضرت امام ابوحنيفه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڏانهن پير ڦهلائي نه ويهندو ڪر، اهو بي ادبي جو انداز آهي۔

          پوءِ منهنجو والد مون کي چوڻ لڳو: اي منهنجا پٽ! اسان غريب ماڻهو