Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

آهن) توهان تمام سٺو ڪيو۔ (سنن النسائي، ڪتاب الزينة، باب الڪراھية للنساء في اظهار الحلي والذھب ، ص۸۲۰، حديث:۵۱۵۰ ،بتغير)

مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سفر ۾ تشريف کڻي ويندا هئا ته پهريان سمورن گھر وارن کان موڪلائيندا هئا سڀ کان آخر ۾ حضرت فاطمه زهرا رَضِىَ اللهُ عَنْها کان موڪلائيندا هئا ۽ جڏهن سفر تان واپس موٽندا هئا ته سڀ کان پهريان بي بي فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي گھر  تشريف کڻي ايندا هئا پوءِ ٻين اهلِ بيت وٽ ايندا هئا۔ مطلب ته ويندا ها تڏهن به سندن جي گھران کان ٿي ويندا ها ۽ ايندا ها تڏهن به سندن جي گھر ۾، ان گھر جي عزت تي لکين سلام۔ دروازي تي لٽڪيل پردي ۽ ڪنگڻ جي باري ۾ فرمائن ٿا: دروازي جو اهو پردو غالبًا تصويرن وارو هو ۽ چاندي جا ڪنگڻ ڇوڪرن (يعني امام حسن و امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما) جي لاءِ هئا، مردن جي لاءِ ڪنگڻ حرام آهن ۽  تصويرن وارو پردو پڻ حرام آهي۔ بي بي فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي انهن شين جي حُرمت جي اڃان تائين خبر نه هئي۔ ان ڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها انهن شين ڏانهن ڌيان نه ڏنائون، نه ته اهلِ بيتِ نبوت ڄاڻي واڻي ناجائز ڪم نٿا ڪري سگھن۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صرف ناراضي ڏسي پڙدو ڦاڙي ڇڏيو ۽ ڪنگڻ حضور جي بارگاھ  ۾ صدقو ڪرڻ جي لاءِ موڪلي ڇڏيا۔ ته جيئن هن عمل کي ڏسي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گھر ۾ تشريف کڻي اچن۔ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چاهيندا هئا ته حضرت فاطمه زهرا به انهن ڪنگڻن کي نه پائي ڇوته توڙي جو انهن جي لاءِ پائڻ جائز آهي پر مان چاهيان ٿو ته منهنجا اهل بيت جائز سينگار به شان و شوڪت سان نه ڪن ته جيئن انهن جون دليون دنيا ۾ نه لڳن ۽ آخرت ۾ انهن جا درجات اڃان بلند ٿين اهي دنيا ۾ فقر و رياضت جي زندگي گذارين۔ (مرآة المناجيح، ۶/۱۷۷بتغير)

والدين جي لاءِ نصيحت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديثِ مبارڪه ۾ والدين جي لاءِ نصيحت آهي